اسلام آباد – 13 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات واري خاص معاون ۽ سي پي?? اٿارٽي جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل (ر) عاصم سليم باجوه پنهنجي ٽو??يٽ ۾ چيو آهي ته منصوبابندي واري وزير جي سربراهي ۾ ڪابينا ڪميٽي کي سي پي?? جي حوالي سان بريفنگ ڏني، 10 وفاقي وزيرن ۽ سيڪريٽرين پڻ شرڪت ڪئي. فورم سي پي?? ترقي جي رفتار تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ لاڳاپيل وزارتن پاران سي پي?? تي اڳڀرائي کي تيز ڪرڻ جي حوالي سان مڪمل حمايت کي ورجايو.