اسلام آباد – 09 جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ميڊيڪل ??ونيورسٽين تي زور ڏنو آهي ته هو نرسنگ پروگرامن تي ڌيان ڏين ۽ نرسنگ جي شاگردن جي تعداد ۾ اضافو ڪن ته جئين ملڪ ۾ نرسز جي کوٽ پوري ٿي سگهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان صدر ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ميڊيڪل ??ونيورسٽي جي سينٽ اجلاس جي صدارت دوران ڪيو. صدر ميڊيڪل ??ونيورسٽين تي زور ڏنو ته هو شاگردن جي تعليم جي معيار کي بهتر بڻائين ۽ غير ملڪي شاگردن کي به مائل ڪن، ايوان صدر مان جاري بيا?? موجب شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ميڊيڪل ??ونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر تنوير خالق صدر کي طب جي تعليم لاءِ يونيورسٽي جي ڪردار جي باري ۾ بريفنگ ڏني.