اسلام ??با?? – 13 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان ۾ مختلف آپريشنز دوران 43 دهشتگرد جهنم واصل ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪندي ملڪ مان دهشتگردي جي مڪمل خاتمي جي قومي عزم جو اظهار ڪيو ۽ چيو آهي ته پاڪستان جي بهادر فوج دهشتگردي جي مڪمل خاتمي جي لاءِ هر وقت سرگرم عمل آهي. ڪالهه جمعي ڏينهن ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر فتنه الخوارج ۽ بلوچستان ۾ سرگرم ٻين دهشتگردن جا ناپاڪ ارادا ناڪام بڻائڻ تي فورسز جي بهادري کي ساراهيو. صدر چيو ته مختلف آپريشنز دوران وڏي پئماني تي دهشتگردن جو خاتمو سيڪيورٽي فورسز جي وڏي ڪ??ميابي آهي، پوري قوم دهشتگردي جي خاتمي جي لاءِ سيڪيورٽي فورسز جي ڪ??دار معترف آهي. هن ان اميد جو اظهار ڪيو ته پاڪستان جي هٿياربند فوج دهشتگردي جي خلاف وڌيڪ ڪاميابي??ن حاصل ڪندي. اي پي پي/ع – ک/ش – چ 18:13