اسلام آباد – 05 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ايف بي آر جي ڊيجيٽائيزيشن کي حڪومت جي معاشي سڌارن جي ح??ال?? سان سنگ ميل قرار ڏيندي ڊيجيٽائيزيشن جي هدفن کي 31 ڊسمبر 2024ع تائين مڪمل ڪرڻ ۽ ٽيڪسيشن کي موثر ۽ تيز بڻائڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ ملڪي معاشي صورتحال ۽ فيڊرل بورڊ آف روينيو جي ڊيجيٽائيزيشن جي ح??ال?? سان جائزه اجلاس ٿيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته ايف بي آر جي ڊيجيٽائيزيشن حڪومت جي اهم معاشي سڌارن ۾ هڪ اهم سنگ ميل جي حيثيت رکي ٿي. وزيراعظم اوڳاڙين ۾ اضافي جي لاءِ ڊيٽا تي ٻڌل حڪمت عملي تي زور ڏيندي چيو ته ايف بي آر جي ڊيجيٽائيزيشن جي ح??ال?? سان اهم اڳڀرائي ٿي آهي، هن ان ح??ال?? سان ناڻي واري وفاقي وزير، ناڻي واري مملڪتي وزير، ايف بي آر چيئرمين، ناڻي واري سيڪريٽري جي ڪوششن کي ساراهيندي چيو ته معاشي ٽيم جي ڪوششن جا ثمر اچڻ شروع ٿي ويا آهن، فسڪل اسپيس وڌڻ خوش آئنده آهي. وزيراعظم ملڪ ۾ ٽيڪسيشن کي موثر ۽ تيز بڻائڻ جي هدايت ڪئي. هن اوڳاڙين کي لاڳو ڪرڻ ۽ ان ح??ال?? سان ٺاهيل حڪمت عملي تي عملدرآمد جي ح??ال?? سان سخت قدمن ۽ ايف بي آر ڊيجيٽائيزيشن جي ح??ال?? سان اهم ڪمن کي 31 ڊسمبر 2024ع تائين مڪمل ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي. وزيراعظم چيو ته اسمگل ٿيل ٻارڻ جي خلاف سخت ڪريڪ ڊائون ۽ پيٽرول ۽ ڊ??زل جي قيمتن ۾ نمايان گهٽتائي جي ڪري پاڪستان ۾ پيٽروليم مصنوعات جو وڪرو نومبر 2024ع ۾ 25 مهينن جي بلند ترين سطح تي پهچي ويو ۽ 1.58 ملين ٽن تائين رهيو جيڪو انتهائي خوش آئنده آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۾ پيٽروليم مصنوعات جي وڪري ۾ هر سال 15 سيڪڙو اضافو ٿيو جيڪو توانائي جي مارڪيٽ ۾ بحالي جي نشاندهي ڪري ٿو. وزيراعظم پيٽرول جي اسمگلنگ جي خلاف وڌيڪ سخت ڪارروائي جي هدايت پڻ ڪئي. هن چيو ته کنڊ جي برآمد جي وقت سر فيصلي جي ڪري پاڪستان کي 500 ملين ڊالر جو پرڏيهي ناڻو مليو. اجلاس ۾ وزيراعظم کي ايف بي آر جي ڊيجيٽائيزيشن جي ح??ال?? سان اڳڀرائي بابت بريفنگ ڏني وئي. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته ايف بي آر جي ويليو چين جي ڊيجيٽائيزيشن بابت سمورو ڪم مارچ 2025ع تائين مڪمل ٿي ويندو، شگر انڊسٽري جي وڊيو ايناليٽڪس هڻڻ جو ڪم مڪمل ٿي چڪو آهي، سيمنٽ انڊسٽري جي وڊيو ايناليٽڪس هڻڻ جي ح??ال?? سان ڊيزائن جو ڪم مڪمل ٿي چڪو آهي. وزيراعظم سيمنٽ انڊسٽري جي وڊيو ايناليٽڪس هڻڻ جو ڪم جلد کان جلد مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته ڊيجيٽل انوائسنگ جي لاءِ سسٽم ڊيزائن جو ڪم مڪمل ٿي چڪو آهي، ننڍي ڪاروبارن جي ڊيجيٽل انوائسنگ جي ح??ال?? سان موبائيل فون ايپلي ڪيشن هن مهيني جي آخر تائين مڪمل ڪئي ويندي، پرآل جو نئون بورڊ جوڙيو ويو آهي، پرآل جو هارڊ ويئر ۽ ڊيٽا سينٽر اپ گريڊ ڪيو پيو وڃي، فيس ليس ڪسٽمز اسيسمنٽ جي ح??ال?? سان سينٽرل اسيسمنٽ يونٽ ڪراچي ۾ قائم ڪيو ويو آهي جيڪو 31 ڊسمبر 2024ع کان ڪم جي شروعات ڪندو. اجلاس ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، منصوبابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال، اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير احد خان چيما، ناڻي ۽ اوڳاڙين واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب، قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ، ناڻي ۽ اوڳاڙين واري مملڪتي وزير علي پرويز ملڪ ۽ ل??ڳا??يل اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي.