رياض-25 اپريل (اي پي پي) سعودي عرب جي موسميات کاتي موجب ملڪ جي مختلف علائقن ۾ خميس کان اڱاري تائين ب??سات جو امڪان آهي. سعودي قومي موسمياتي مرڪز چيو آهي ته مڪي جي مختلف علائقن ۾ تيز هوائن سان ??ڏ خميس کان اڱاري تائين ب??سات جو امڪان آهي. جڏه?? ته رياض ريجن جي مختلف علائقن ۾ پڻ برسات جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي. قومي مرڪز پاران جاري ڪيل رپورٽ کانپوءِ شهري دفاع واري کاتي شهرين کي احتياطي اپاءُ اختيار ڪرڻ ۽ محفوظ جاين تي رهڻ جي هدايت ڪئي آهي. بيان ۾ چيو ويو آهي ته ڏيهي ۽ پرڏيهي ملڪ جي ٻوڏ ۽ ڌٻڻ وارن علائقن ۽ وادين ۾ وڃڻ کان پاسو ڪن. جڏه?? ته ان حوالي سان شهرين کي ايس ايم ايس ذ??يعي پڻ آگاهه ڪيو ويو آهي.