اسلام آباد-09 جنوري (اي پي پي) اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان ٽريزري بلز جي نيلامي مان 434 ا??ب روپيا حاصل ڪيا جيڪي هدف جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ آهن. اسٽيٽ بئنڪ جي انگن اکرن موجب ٽريزري بلز سبب وصولين جو هدف 250 ا??ب روپيا مقرر ڪيو ويو هو، ٽن مهينن جي ٽريزري بلز تي منافعي جي شرح 11.68 سيڪڙو مقرر ڪئي وئي آهي جيڪا 24 ڊسمبر جي نيلامي جي ڀيٽ ۾ 22 بيس پوائنٽ گهٽ آهي. ٽن مهينن جي ٽريزي بلز جي نيلامي مان 98 ا??ب روپيا حاصل ڪيا ويا، 6 مهينن جي ٽريزري بلز جي نيلامي مان 122.9 ا??ب روپيا حاصل ڪيا ويا، ان تي منافعي جي شرح 11.78 سيڪڙو آهي جيڪا 24 ڊسمبر ت?? ٿيل نيلامي جي ڀيٽ ۾21 ??يس پوائنٽ گهٽ آهي. هڪ سال جي ٽريزري بلز جي نيلامي مان 212.7 ا??ب روپيا حاصل ڪيا ويا جن تي منافعي جي شرح 11.80 سيڪڙو آهي جيڪا 24 ڊسمبر ت?? ٿيل نيلامي جي ڀيٽ ۾ 50 بيس پوائنٽ گهٽ آهي.