اسلام آباد-02 جنوري (اي پي پي) حڪومتي اتحاد ۽ پي ٽي آءِ وچ ۾ ڳالهين جو ٻيو دؤر ڪالهه مڪمل ٿي ويو، جنهن کان پوءِ گڏيل پڌرائيءَ جاري ڪئي وئي. حڪومتي اتحاد ڪميٽيءَ جي ترجمان سينيٽر عرفان صديقي گڏيل پڌرائيءَ پڙهي ٻُڌائي جنهن ۾ ٻُڌايو ويو ته ڳالهين وا??ي ٽيمن وچ ۾ ٻئي اجلاس ۾ مخالف ڌر اڳواڻ عمر ايوب، ڪي پي ڪي جو وڏو وزير علي امين ??نڊ??پور، سلمان اڪرم راجا، اسد قيصر، راجا ناصر عباس، صاحبزاده حامد رضا، جڏهن ته حڪومتي اتحاد پاران نائب وزيراعظم سينيٽر اسحاق ڊار، وزيراعظم جو صلاحڪار راڻا ثناءُ الله، سينيٽر عرفان صديقي، اڳوڻو اسپيڪر راجا پرويز اشرف ۽ قومي اسيمبلي جي ميمبرن سيد نويد قمر، ڊاڪٽر فاروق ستار، اعجاز الحق، خالد حسين مگسي، وفاقي وزير عبدالعليم خان شريڪ ٿيا. پي ٽي آءِ ڪميٽيءَ جي سربراهه عمر ايوب خان ۽ ٻين ميمبرن تفصيل سان پنهنجو مؤقف پيش ڪيو. هن پي ٽي آءِ جي باني سميت پارٽيءَ جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي آزاديءَ جو مطالبو ڪيو. هنن اهو به چيو ته حڪومت کي ضمانتون حاصل ڪرڻ ۾ رڪاوٽون نه وِجهڻ گهرجن. هن 9 مئي ۽ 26 نومبر جي واقعن تي جوڊيشل ڪميٽي بنائڻ جو مطالبو ڪيو ته جيئن حقيقتون پوريءَ طرح آڏو اچي سگهن. پي ٽي آءِ ڪميٽيءَ آگاهه ڪيو ته لکت ۾ چارٽر آف ڊيمانڊ پيش ڪرڻ لاءِ اسان کي اڊيالا جيل ۾ پي ٽي آءِ باني سان ملاقات، صلاح مشوري ۽ رهنمائي حاصل ڪرڻ جو م??قعو فراهم ڪيو وڃي. هنن چيو ته عمران خان ڳالهين وا??و عمل شروع ڪرڻ جي اجازت ڏني آهي تنهنڪري ان کي ه??ڪاري طريقي سان جاري رکڻ لاءِ سندس هدايتون تمام ضروري آهن. پي ٽي آءِ ڪميٽي پاران عمران خان سان صلاح مشوري ۽ رهنمائيءَ کان پوءِ ايندڙ گڏجاڻي ۾ چارٽر آف ڊيمانڊ باقاعده لکت جي شڪل ۾ پيش ڪيو ويندو. حڪومتي اتحاد طرفان نائب وزيراعظم محمد اسحاق ڊار چيو ته گذريل ميٽنگ ۾ ڪيل فيصلن تحت اسان کي اميد آهي ته اڄ پي ٽي آءِ لکت ۾ پي ٽي آءِ ڪميٽي عمران خان کان رهنمائي حاصل ڪرڻ کان پوءِ پنهنجو چارٽر آف ڊيمانڊ آڻيندي ته جيئن ٻئي ڪميٽيون معاملن کي سهڻي انداز سان اڳيان وڌائي سگهون. طئي ٿيو ته پي ٽي آءِ ڪميٽي جي عمران خان سان ملاقات کانپوءِ ايندڙ هفتي ٻنهي ڪميٽين جي ٽين ويهڪ جي تاريخ جو تعين ڪيو ويندو. جڏهن ته اُن کان اڳ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ڪميٽي ۾ ڳالهائيندي چيو ته هيءَ ڳالهين وا??ي ڪميٽيءَ جو ٻيو اجلاس آهي، پهرين ڪميٽيءَ ۾ اسان جا ڪجهه ساٿي موجود نه هئا، پهرين ڳالهين وا??ي ڪميٽي تمام سٺي ماحول ۾ منعقد ٿي ه??ي. پهرين ڪميٽيءَ جي اجلاس ۾ بحث هيٺ آيل معاملن تي عملدرآمد ڪيو ويو. هن چيو ته منهنجو ڪردار فقط هڪ سهولت ڪار جي آهي، اميد ڪريان ٿو ته ڳالهين وا??ي ڪميٽي ۾ شريڪ ڌُريون ڳالهين کي ه??ڪاري انداز ۾ هلائينديون. منهنجي ڪوشش آهي ته ملڪ کي درپيش دهشتگردي، معيشت سميت اهم اشوز کي به ان ڪميٽيءَ ۾ غور هيٺ آندو وڃي، اسان سڀ پاڪستاني آهيون، پاڪستان جي مسئلن کي حل ڪرڻ جي اسان جي ذميواري آهي. اسپيڪر چيو ته ملڪ کي درپيش مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ اسان سڀني کي گڏجي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو.