اسلام آباد – 07 – جنوري (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ ب??ن الوزارتي ڪميٽي جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ 11 ۽ 12 جنوري تي اسلام آباد ۾ ”مسلم ڪميونٽيز ۾ ڇوڪرين جي تعليم: چئلينجز ۽ موقعا“ جي موضوع تي عالمي ڪانفرنس جي تيارين جو جائزو ورتو ويو. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب اجلاس ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، تعليم ۽ تربيت واري وفاقي وزير ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي، نوجوانن ??ي معاملن واري وزير راڻا مشهود احمد، پرڏيهي سيڪري??ري ۽ تعليم واري سيڪري??ري شرڪت ڪئي.