اسلام آباد– 20 – ڊسمبر (اي پي پي( وزيراعظم محمد شهباز شريف انساني ??سمگلنگ بابت جاري جاچ جلد کان جلد مڪمل ڪري ٺوس سفارشون پيش ڪرڻ، سهولتڪاري ۾ ملوث ايف آءِ اي ??هل??ارن جي نشاندهي ۽ انهن جي خلاف سخت ڪارروائي ۽ اسمگلنگ جي روڪٿام جي لاءِ لاڳاپيل ادارن کي پاڻ ۾ رابطو وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم جي صدارت ۾ انساني ??سمگلنگ جي روڪٿام بابت اهم اجلاس ٿيو. وزيراعظم چيو ته انساني ??سمگلنگ پاڪستان جي لاءِ سڄي دنيا ۾ بدنامي جو سبب بڻجي ٿي. هن انساني ??سمگلنگ جي روڪٿام جي لاءِ لاڳاپيل ادارن کي پنهنجا رابطا وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي هدايت ڪئي ۽ چيو ته 2023ع جي ٻيڙي اونڌي ٿيڻ جي حادثي کانپوءِ ذميوارن جي خلاف ڪارروائي ۾ انتهائي سستي سان ڪم ورتو ويو، ذميوار آفيسرن جي خلاف سخت ڪارروائي ٿيندي. هن انساني ??سمگلرن جي سهولتڪاري ۾ ملوث ايف آءِ اي ??هل??ارن جي نشاندهي ۽ انهن جي خلاف سخت ڪارروائي ۽ انساني ??سمگلنگ بابت جاري جاچ جلد کان جلد مڪمل ڪري ٺوس سفارشون پيش ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي. اجلاس کي يونان ٻيڙي حادثي ۽ انساني ??سمگلنگ جي روڪٿام جي حوالي سان قدمن تي بريفنگ ڏني وئي. بريفنگ دوران ٻڌايو ويو ته يونان ٻيڙي حادثي ۾ فوت ٿيندڙ 5 پاڪستانين جي سڃاڻپ ڪئي وئي آهي، ٻين جي سڃاڻپ جو عمل جاري آهي. ايٿنز ۾ موجود پاڪستاني ??فارتخانو ٻيڙي حادثي جي حوالي سان يوناني ??ملدارن سان مسلسل رابطي ۾ آهي، ٻيڙي حادثي جي حوالي سان معلومات ۽ مدد جي لاءِ ايٿنز ۾ موجود پاڪستاني ??فارتخاني ??ان هيلپ لائين +30-6943850188 ۽ پرڏيهي وزارت جي ڪرائيسز مئنيجمينٽ يونٽ جي نمبر 0519207887 تي رابطو ڪري سگهجي ٿو. بريفنگ ۾ اهو به ٻڌايو ويو ته گوجرانوالا، گجرات، سيالڪوٽ ۽ منڊي بهاءَ الدين جي ضلعن مان سڀ کان وڌيڪ ماڻهو انساني ??سمگلرن جو شڪار ٿين ٿا، انساني ??سمگلنگ جي روڪٿام جي حوالي سان قانونسازي وڌيڪ بهتر بڻائي پئي وڃي. اجلاس ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، اقتصاسدي معاملن واري وفاقي وزير احد خان چيما، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، وزيراعظم جي ڪوآرڊينيٽر راڻا ??حس??ن افضل ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي. يونان ۾ مقرر پاڪستان جي سفير اجلاس ۾ وڊيو لنڪ ذريعي شرڪت ڪئي.