اسلام آباد – 05 – ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان ٽيليويزن ڪارپوريشن (پي ٽي وي) ترڪيه جي سفارتخاني جي تعاون سان ”ورلڊ ترڪش ڪافي ڊي“ ملهايو جنهن ۾ ترڪيه جي شاندار ??قا??ت ۽ ان جي مشهور ڪافي جي روايت کي اجاگر ڪيو ويو. تقريب جو مقصد پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ مضبوط لاڳاپن کي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ هڪ پليٽ فارم مهيا ڪرڻ ۽ تاريخي، ??قا??تي ۽ اقتصادي رابطن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ هو. تقريب ۾ اطلاعا?? ۽ ??شريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، پاڪستان ۾ ترڪيه جي سفير عرفان نذير اوگلو، اطلاعات واري وفاقي سيڪريٽري ۽ مئنيجنگ ڊائريڪٽر پي ٽي وي عنبرين جان، ايگزيڪيوٽ?? ڊائريڪٽر اسپيشل انيشي ايٽوز ڊاڪٽر د??نيال سليم، ڊائريڪٽر نيوز ڊاڪٽر هارون الاهي، انچارج پي ٽي وي ورلڊ نمود مسلم ۽ ڊائريڪٽر ڪرنٽ افيئرز چوڌري محمد سليم سميت نيوز سينٽر جي ملازمن شرڪت ڪئي. مهمانن جي آجيان ڪندي اطلاعا?? ۽ ??شريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ گهري ۽ ويجهي لاڳاپن تي روشني وڌي. هن چيو ته پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ پراڻي ۽ مضبوط ڀائيچاري جو رشتو قائم آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير ترڪش ڪافي کي ترڪيه جي مهمان نوازي جو حقيقي عڪاس قرار ڏيندي ان يقين جو اظهار ڪيو ته ??قا???? ۽ ??نون جي شعبن ۾ تعاون سان پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ عوام جي سطح تي لاڳاپا وڌيڪ گهرا ٿيندا. پاڪستان ۾ ترڪيه جي سفير عرفان نذير اوگلو ترڪش ڪافي جي تاريخي اهميت تي روشني وجهندي چيو ته ترڪش ڪافي رڳو هڪ مشروب نه آهي، هي هڪ شاندار روايت آهي جيڪا صدين کان هلندي پئي اچي، ان جي تياري هڪ ڏکيو عمل آهي جيڪو اسان جي ڀرپور ??قا??تي ورثي جو اظهار آهي. هن چيو ته ترڪش ڪافي گانن ۽ شاعري کي پڻ متاثر ڪيو آهي ۽ ان کي اسان جي تاريخ هڪ نمايان علامت بڻائي ڇڏيو آهي. ان موقعي تي خطاب ڪندي اطلاعات واري وفاقي سيڪريٽري ۽ پي ٽي وي جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر عنبرين جان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گڏيل ??قا??تي ۽ تاريخي لاڳاپن تي زور ڏيندي چيو ته پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ ??قا??تي، تاريخي ۽ گهرا مذهبي رشتا موجود آهن جيڪي هاڻي گهري اقتصادي لاڳاپن ۾ تبديل ٿي رهيا آهن. ڪافي جي گڏيل محبت اسان کي وڌيڪ ويجه?? آندو آهي جيڪا اسان جي گڏيل ??قا??تي تعريف جي عڪاسي ڪري ٿي. تقريب ۾ شريڪ مهمان ترڪيه جي ڪافي مان لطف اندوز ٿيا ۽ ان کي ترڪيه جي مهمان نوازي جو حقيقي تجربو قرار ڏنو. واضح رهي ته پي ٽي وي ??قا??تي سفارتڪاري ۽ گڏيل روايتن جي ذريعي عالمي لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ پرعزم آهي. ورلڊ ترڪش ڪافي ڊي جهڙيون تقريبون پاڪستان ۽ ان جي اتحادين جي وچ ۾ بامعنيٰ رابطن کي فروغ ڏيڻ ۾ رياستي نشرياتي اداري جي ڪردار جي توثيق ڪن ٿيون.