اسلام آباد – 22 – نومبر (اي پي پي) صدر آصف ??لي زرداري بلوچست??ن ۾ دهشتگردن جي خلاف ڪامياب انٽيلي جنس تي ٻڌل ڪاررواين ??ي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته دهشتگردن کي صوبي جو امن خراب ڪرڻ ۽ ترقي جو سفر متاثر ڪرڻ جي اجازت نه ڏيند??سي??. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر آواران، ڊيره بگٽي ۽ ڪيچ ۾ دهشتگردن جي خلاف ڪاررواين ??ي سيڪيورٽي فورسز کي ساراهيو. صدر چيو ته سيڪيورٽي فورسز بلوچست??ن ۾ مختلف ڪاررواين ۾ 4 دهشتگردن کي بهادري سان جهنم واصل ڪيو. هن چيو ته دهشتگردن کي بلوچستان جو امن خراب ڪرڻ، ترقي جو سفر متاثر ڪرڻ جي اجازت نه ڏيند??سي?? ۽ ملڪ دشمن عنصرن کي ڪنهن به صورت ۾ ڪامياب ٿيڻ نه ڏيند??سي??. آصف ??لي زرداري چيو ته دهشتگردي جي خلاف فورسز جون ڪارروايون ساراهه جوڳيون آهن. صدر دهشتگردي جي خلاف ڪارروايون جاري رکڻ جي قومي عزم جو پڻ ورجاءُ ڪيو.