باڪو – 12 – نومبر (اي پ?? پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف 29هين ڪلائميٽ ايڪشن سربراهي اجلاس (ڪوپ 29) جي موقعي تي ڪيترن ئي عالمي ا??وا??ن سان ملاقاتون ۽ غيررسمي ڳالهه ٻولهه ڪئي. بنگلاديش جي چيف ايگزيڪيوٽو ڊاڪٽر محمد يونس ۽ وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ملاقات دوران خوشگوار جملن جي ڏي وٺ ٿي. ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان ۽ سندس گهرواريءَ امينه اردوان سان پڻ وزيراعظم جي ملاقات ٿي. گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس، آذربائيجان جي صدر الهام عليوف، تاجڪستان جي صدر امام علي رح??ان?? ازبڪستان جي صدر شوڪ?? مرزيوف کانسواءِ قطر جي امير ۽ ٻين عالمي ا??وا??ن سان پڻ وزيراعظم جون ملاقاتون ٿيون.