اسلام آباد-11 نومبر (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته آءِ ٽي جي شعبي ۾ ٿي??دڙ ترقي پاڪستان لاءِ گيم چينجر ثابت ٿي??دي. ڪراچي ۾ پاڪستان اسٽارٽ اپ سمٽ لاءِ وڊيو پيغام ۾ ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب چيو ته معاشي ترقي کي بهتر ڪرڻ لاءِ ادارن وچ ۾ رابطا مضبوط هجڻ انتهائي ضروري آهي. هن چيو ته جڏهن مختلف حڪومتي، مالياتي ۽ ڪاروباري ادا??ا هڪ ٻئي سان موثر انداز ۾ رابطي ۾ هوندا آهن ته ان سان منصوبه بندي ۽ عمل جي رفتار ۾ بهتري ايندي آهي. ان سان نه رڳو فيصلا جلدي ٿي??دا آهن پر وسيلن جو درست ۽ موثر استعمال به ممڪن ٿئي ٿو، جيڪو اقتصادي ترقي کي وڌائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو. هن چيو ته ادارن وچ ۾ مضبوط رابطو ۽ سهڪار پاليسيون لاڳو ڪرڻ، سيڙپڪارن جي سهولت ۽ عوامي ڀلائي جي پروگرامن ۾ ڪاميابي کي يقيني بڻائي سگهي ٿو. ناڻي واري وفاقي وزير چيو ته حڪومت جو ڪم پاليسي فريم ورڪ، معيشت جي بهتري لاءِ سڀني کي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. هن چيو ته شي?? کي بهتر ڪرڻ لاءِ ادارن وچ ۾ رابطو مضبوط هجڻ انتهائي ضروري آهي. آءِ ٽي ذريعي ئي اڳتي وڌي سگهجي ٿو. مالياتي ??مو??يت ۾ ٽيڪنالاجي انتهائي اهم ڪردار ادا ڪندي. محمد اورنگزيب چيو ته گذريل هف??ي رياض ۾ سعودي عرب جي فرمانروا شاهه سلمان بن عبدالعزيز سان ملاقات ٿي، رياض ۾ منعقد ڪانفرنس جو ٿي?? آرٽيفيشل سپر انٽيليجنس هو. ناڻي واري وزير چيو ته عالمي سطح تي سيڙپ جي فراهمي ۾ فني درستگي آئي آهي، معيشت ۾ بهتري لاءِ قدم کڻڻ پهرين ترجيح آهي، شي??ن بهتر ٿي رهيون آهن پر سڀني کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. هن چيو ته حڪومت جو ڪم پاليسي فريم ورڪ ۽ ان ۾ تسلسل برقرار رکڻ آهي، نجي شعبن جي ذميواري آهي ته اهي ڪمن کي توسيع ڏين.