اسلام آباد – 29 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سعودي عرب جي ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي اسلام آباد کان رياض روانو ٿي ويو. وزيراعظم رياض ۾ 29 کان 31 آڪٽوبر تي ٿي??دڙ اٺين فيوچر انويسٽمينٽ ان??شي ايٽو ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندو. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بي??ن موجب ”لامحدود آفتون: ايندڙ سڀاڻي جي تعمير جي لاءِ اڄ جي سيڙپڪاري“ جي موضوع تي ٿي??دڙ اٺين فيوچر انويسٽمينٽ ان??شي ايٽو ڪانفرنس ۾ پاڪستان سميت سڄي دنيا جا ملڪ شريڪ ٿي??دا. شريڪ ملڪ پنهنجي معيشت جي خصوصيتن تي روشني وجهندي سيڙپڪاري جي فروغ ۽ پائيدار مستقبل جي لاءِ مشاورتي عمل جو حصو بڻجندا. فيوچر انويسٽمينٽ ان??شي ايٽو ڪانفرنس ۾ مصنوعي ذهانت، روبوٽڪس، تعليم، توانائي، خلا، صحت ۽ پائيدار ترقي جي ??وا??ي سان دنيا کي درپيش مسئلن جي حل جي ??وا??ي سان ڳالهه ٻولهه ۽ مشاورت ٿي??دي. پنهنجي ٻن ڏينهن جي سعودي عرب جي دوري ۾ وزيراعظم جي سعودي اعليٰ قيادت سان ملاقات پڻ ٿي??دي. وزيراعظم محمد شهباز شريف جي سعودي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان سان به ملاقات متوقع آهي. ان ملاقات ۾ پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ موجوده ٻطرفن لاڳاپن خاص طور تي واپار، توانائي، معدنيات، زراعت ۽ دفاع جي شعبن ?? تعاون وڌائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي??دي. وزيراعظم جي اٺين فيوچر انويسٽمينٽ ان??شي ايٽو ۾ شرڪت ڪندڙ عالمي اڳواڻن سان به ملاقاتون متوقع آهن. دفاع وارو وفاقي وزير خواجه محمد آصف، ناڻي وارو وفاقي وزير محمد اورنگزيب، نجڪاري وارو وفاقي وزير عبدالعليم خان، پيٽروليم وارو وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ، واپار وارو وفاقي وزير ڄام ڪمال خان ۽ اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ پڻ وزيراعظم سان گڏ آهن.