اسلام آباد – 30 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد ش??با?? شريف جي دعوت تي ملائيشيا جو وزيراعظم داتوسري انور ابراهيم 2 کان 4 آڪٽوبر تائين پاڪستان جو سرڪاري دورو ڪندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بي??ن موجب ساڻس گڏ وزيرن، نائب وزيرن ۽ سينيئر عملدارن تي ٻڌل اعليٰ سطح جو وفد پڻ هوندو. وزيراعظم داتوسري انور ابراهيم وزيراعظم محمد ش??با?? شريف س??ن ملاقات ڪندو. بي??ن موجب ٻئي ڌري??ن واپار، رابطن، توانائي، زراعت، حلال صنعت، سياحت، ثقافتي مٽاسٽا ۽ عوامي رابطن سميت متنوع شعبن ۾ پاڪستان ۽ ملائيشيا جي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي وسيع ايجنڊا تي خيالن جي ڏي وٺ ڪنديون، هو علائقائي ۽ عالمي اڳڀرائي تي پڻ ڳالهه ٻولهه ڪندا. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته پاڪستان ۽ ملائيشيا جي وچ ۾ تاريخ، ثقافت ۽ عقيدي سان ڳنڍيل مضبوط ٻطرفا لاڳاپا آهن. هي دورو پاڪست??ن ملائيشيا لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جو هڪ اهم موقعو فراهم ڪندو.