اسلام آباد – 02 – آگسٽ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري تازين برساتن ۾ ملڪ جي مختلف حصن ۾ جاني ۽ مالي نقصان تي افسوس جو اظهار ڪندي برساتن کان متاثر ماڻهن جي لاءِ امدادي سرگرميون تيز ڪرڻ جي ضرور?? تي زور ڏنو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر برساتن جي ڪري حادثن ۾ فوت ??يندڙن جي گهرڀاتين سان تعزيت ڪئي آهي. هن چيو ته برساتن سان ٿيندڙ حادثن ۽ قيمتي جاني نقصان کان بچڻ جي لاءِ احتياطي تدبيرون اختيار ڪرڻ جي ضرورت آهي. صدر چيو ته حادثن کان بچاءُ ۽ پاڻي جي نيڪالي جي لاءِ انتظاميا کي وقت سر قدم کڻڻا پوندا. آصف علي زرداري حادثن ۾ فوت ??يندڙن جي مغفرت لاءِ دعا ڪئي ۽ گهرڀاتين جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي.