اسلام آباد – 12 – جولائي (اي پي پي) وزير??عظ?? محمد شهباز شريف صوبن ۾ زرعي ٽيوب وليز جي شمسي توانائي تي منتقلي جي حوالي سان صوبائي حڪومتن جي مشاورت ۽ بجلي چوري جي روڪٿام جي قدمن کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي حوالي سان جامع حڪمت عملي جوڙڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزير??عظ?? آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزير??عظ?? محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ زرعي ٽيوب ويلز جي سولرائزيشن ۽ بجلي چوري جي روڪٿام جي حوالي سان ا??لا?? ٿيو. ان موقعي تي ڳالهائيندي وزير??عظ?? چيو ته شمسي توانائي بجلي پيدا ڪرڻ جو سستو ترين ذريعو آهي انهي لاءِ توانائي جي شعبي ۾ شمسي توانائي جو فروغ حڪومت جي اولين ترجيح آهي، بلوچستان کانپوءِ سنڌ، پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ زرعي ٽيوب ويلز جي شمسي توانائي تي منتقلي جي حوالي سان صوبن جي حڪومتن سان گڏجي آبادگارن جي خوشحالي جي لاءِ ڪم ڪنداسين. وزير??عظ?? صوبن ۾ زرعي ٽيوب ويلز جي شمسي توانائي تي منتقلي جي حوالي سان صوبائي حڪومتن سان مشاورت کانپوءِ هڪ جامع حڪمت عملي جوڙڻ ۽ بجلي چوري جي روڪٿام جي قدمن کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي حوالي سان جامع حڪمت عملي ٺاهڻ جي هدايت ڪئي. بجلي چوري جي حوالي سان توانائي واري وزارت سان تعاون تي وزير??عظ?? صوبائي حڪومتن کي ساراهيو. وزير??عظ?? سڄي ملڪ ۾ بجلي جي بلن جي حوالي سان سمارٽ ميٽرنگ جو نظام متعارف ڪرائڻ ۽ ان حوالي سان جامع پلان پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وزير??عظ?? چئني صوبن جي بجلي جي هڪ هڪ ورڇ ڪندڙ ڪمپني کي سمارٽ ميٽرنگ جي حوالي سان ماڊل ٺاهڻ جي هدايت پڻ ڪئي. هن چيو ته بجلي جي بلن ۾ اوور بلنگ ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪيو ويندو. وزير??عظ?? کي زرعي ٽيوب ويلز جي شمسي توانائي تي متنقلي ۽ بجلي چوري جي خاتمي ت?? کنيل قدمن تي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ويو ته ڊيزل سان هلندڙ زرعي ٽيوب ويلز کي ماحول دوست شمسي توانائي تي منتقل ڪرڻ سان 2.7 ارب آمريڪي ڊالرز جو پرڏيهي ناڻو بچائي سگهبو. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته بجلي چوري جي خاتمي واري مهم ۾ سيپٽمبر 2023ع کان هيستائين سڄي ملڪ ۾ 84366 ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو، 174562 ايف آءِ آرز داخل ٿيون، بجلي ورڇ ڪندڙ ڪمپنين جي 456 ملازمن کي معطل ڪيو ويو ۽ 421460 ڪيسز فائيل ڪيا ويا، تازو ئي خيبرپختونخواهه ۾ هڪ هزار هڪ سئو تيرنهن نوان ميٽرز هنيا ويا ۽ اٽڪل 12 هزار ڪُنڍا هٽايا ويا. ا??لا?? ۾ اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير احد خان چيما، پاور واري وفاقي وزير اويس احمد خان لغاري، پيٽروليم واري وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ، ناڻي ۽ اوڳاڙين واري مملڪتي وزير علي پرويز ملڪ (وڊيو لنڪ ذريعي)، وزير??عظ?? جي ڪوآرڊينيٽر راڻا احسان افضل (وڊيو لنڪ ذريعي) ۽ اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي جڏهن ته چئني صوبن جي چيف سيڪريٽريز پڻ ا??لا?? ۾ وڊيو لنڪ ذريعي شرڪت ڪئي.