اسلام آباد – 05 – جون (اي پي پي) پاڪستان ۽ چين جي نجي شعبن جي وچ ۾ شينزن پاڪستان بزنس ڪانفرنس جي موقعي تي پاڪستاني واپارين ۽ چين جي ڪاروباري ماڻهن جي وچ ۾ ب??نس ٽو بزنس گڏجاڻي کانپوءِ مختلف شعبن ۾ 32 مفاهمت جي يادداشتن تي صحيحون ڪيون ويون آهن. واپار واري وزارت پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي هلندڙ چين جي دوري دوران پاڪستان ۽ چيني ڪمپنين وفاقي حڪومت جي بزنس ٽو بزنس قدمن جي نتيجي ۾ مفاهمت جي 32 مختلف يادداشتن تي صحيحون ڪيون آهن. ٻنهي ملڪن جي ڪاروباري برادري جي گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ اليڪٽرانڪس ۽ گهريلو اوزارن، آءِ سي ٽي، ٽيڪسٽائيلز، چمڙي، معدنيات ۽ دواسازي جا شعبا شامل آهن. پڌرائي موجب پاڪستان ۽ چين جي نجي شعبي توانائي جي شع??ي ۾ چئن مفاهمت جي يادداشتن (ايم او يوز)، آٽو موبائيل جي شع??ي ۾ ٻه، ثق??فت?? تعاون جي شع??ي ۾ هڪ جڏهن ته انفارميشن اينڊ ڪميونيڪشن ٽيڪنالاجي (آءِ سي ٽي) جي شع??ي ۾ چئن ايم او يوز تي صحيحون ڪيون آهن. اهڙي طرح پاڪستان ۽ چين جي پرائيويٽ سيڪٽرز دواسازي ۽ هيلٿ ڪيئر سيڪٽر ۾ 6 ??يم او يوز تي صحيحون ڪيون آهن جڏهن ته لاجسٽڪس جي شع??ي ۾ چئن ۽ زراعت ۽ فوڊ پروسيسنگ جي شع??ي ۾ مفاهمت جي 10 يادداشتن تي پڻ صحيحون ڪيون ويون. ٻنهي ملڪن جي نجي شعبن آپٽيڪل فائبر نيٽ ورڪ جي شع??ي ۾ ليٽر آف انٽينٽ تي پڻ صحيحون ڪيون. واضح رهي ته بزنس ڪانفرنس شينزن 2024ع نه رڳو علائقائي منڊين ۾ پاڪستاني مصنوعات کي متعارف ڪرائڻ جي لاءِ راهه هموار ڪندي پر اها پاڪستان جي معيشت جي اسٽريٽجڪ تبديلين تي مضبوط علائقائي حڪومت ۽ ڪاروباري لاڳاپن تي مثبت اثر پڻ ڇڏيندي. تقريب منعقد ڪرڻ ۾ بورڊ آف انويسٽمينٽ اهم ڪردار ادا ڪيو. حڪومت جي ان بي ٽو بي قدمن سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ هڪ بي مثال اڳئين سطح جو صنعتي تعاون متوقع آهي.