اسلام آباد – 02 – مئي (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ت?? اڄ اسان صحافت جي آزادي جو ڏينهن هڪ اهڙو ماحول جوڙڻ جي عزم سان ملهائي رهيا آهيون جتي ميڊيا نه رڳو خودمختيار ۽ اُسرندڙ هجي پر اسان جي آئين ۾ لکيل آزادين سان ذميواري سان لطف اندوز ٿي سگهي، هي ڏينهن اسان کي پنهنجي ملڪ ۾ صحافت جي آزادي جي صورتحال تي غور ڪر?? ۽ صحافين جي لاءِ هڪ محفوظ ۽ سازگار ماحول پيدا ڪر?? جي ڪوشش ڪر?? جو موقعو فراهم ڪري ٿو. صدر صحافت جي آزادي جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته اسان سمجهون ٿا ته هڪ آزاد پريس عالمي اهميت جي مسئلن کي اجاگر ڪر??، جعلي خبرون ۽ الزام ختم ڪر?? ۽ معاشري پاران هڪ نگران جي طور تي ڪم ڪر?? جي لاءِ ضروري آهي، عالمي ڳڻتي جي مسئلن بشمول موسمياتي تب??يلي، گرين ٽيڪنالاجيز، آلودگي ۽ گلوبل وارمنگ بابت آگاهي پيدا ڪر?? ۾ پڻ ميڊيا جو اهم ڪردار آهي. هن چيو ته هن سال صحافت جي آزادي جي عالمي ڏينهن جو عنوان ”سياري جي لاءِ پريس: ماحوليا??ي بحران کي منهن ڏيندڙ صحافت“ موسمياتي تب??يلين ۽ ان جي انساني زندگي ۽ ماحول تي اثرن بابت آگاهي پيدا ڪر?? ۽ ماڻهن کي تعليم ڏيڻ ۾ آزاد صحافت جي اهميت کي اجاگر ڪري ٿو، اسان سمجهون ٿا ته ميڊيا اسان جي ماحولياتي نظام تي موسمياتي تب??يلي جي منفي اثرن کي گهٽ ڪر?? جي لاءِ ٻيلن جي فروغ، صاف ٽيڪنالاجي اختيار ڪر??، ڪاربن اخراج گهٽ ڪر?? ۽ حياتياتي تنوع جي تحفظ جي ذريعي ماڻهن کي ماحول جي تحفظ جي ترغيب ڏيڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو، هن سال جو عنوان ان ڳالهه تي پڻ روشني وجهي ٿو ته هڪ آزاد ۽ ذميوار پريس کي موسمياتي تب??يلي بابت گمراهه ڪندڙ معلومات جي خلاف هر اول دستي جي طور تي ڪم ڪر?? گهرجي. هن چيو ته صحافت جي آزادي جو عالمي ڏينهن ان ڳالهه جي ياد به ڏياري ٿو ته سڄي دنيا ۾ صحافين کي پنهنجو ڪم ڪر?? ۾ چئلينجز درپيش آهن، اسان کي صحافين کي ڊپ، خوف يا هراسمينٽ کان پاڪ ماحول فراهم ڪر?? جي ضرورت آهي ته جيئن اهي آزاداڻي طور تي پنهنجي راء?? جو اظهار ڪري سگهن، ان لاءِ ضروري آهي ته صحافين جي سيڪيورٽي ۽ سلامتي جي لاءِ قدم کنيا وڃن جنهن سان اهي بنا ڪنهن خوف ۽ خطري جي اسان جي مسئلن تي آزاداڻي رپورٽنگ ڪري سگهن، پاڪستان جو آئين صحافت جي آزادي جي ضمانت ڏي ٿو جڏهن ته اها ميڊيا جي به ذميواري آهي ته اها صحافتي اخلاقيات جي پابندي ڪري ۽ قومي مفاد کي نظر ۾ رکندي ذميواراڻي ۽ صحيح رپورٽنگ ڪري، ميڊيا کي جعلي خبرن جي خاتمي ۽ اخلاقي قدرن جي فروغ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪر?? گهرجي. صدر آصف علي زرداري چيو ت?? اڄ جي ڏينهن اسان دنيا ۾ جمهوري قدرن کي فروغ ڏيڻ سان گڏوگڏ سماجي ۽ اقتصادي اهميت جي مسئلن، خاص طور تي موسمياتي تب??يلي ۽ گلوبل وارمنگ بابت بيداري پيدا ڪر?? ۾ پڻ ميڊيا جي ساراهه جوڳي ڪردار کي تسليم ڪريون ٿا، مون کي اميد آهي ته ميڊيا عالمي ڳڻتي جي مسئلن بابت بيداري پيدا ڪر?? ۾ تعميري ڪردار ادا ڪندي رهندي، مون کي يقين آهي ته اسان جي ڌرتيءَ کي موسمياتي تب??يلي جي خطري کان بچائڻ جي لاءِ ميڊيا پاران انهن مسئلن جي وڪالت جي ڪري عالمي سطح تي تحريڪ پيدا ٿيندي.