اسلام آباد– 27 – مارچ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته پاڪستان دهشتگردن کي خطي ۾ امن، خوشحالي ۽ سلامتي جي لاءِ اسان جي گڏيل هدفن کي ڪمزور ڪرڻ جي هرگز اجازت نه ڏيندو، غيرانساني حملو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ پائيدار د??ستي ۽ گڏيل قدرن تي حملو آهي، اهو واقعو پاڪ چين دوستي جي دش??نن پاران ترتيب ڏنو ويو هو. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب اهڙن خيالن جو اظهار صدر آصف علي زرداري چين جي سفارتخاني جي دوري جي موقعي تي ڪيو. چيني سفير جي??نگ زائيڊونگ سفارتخاني اچڻ تي صدر آصف علي زرداري جو استقبال ڪيو. صدر جو بشام ۾ دهشتگرد حملي ۾ چيني شهرين جي مارجڻ تي پاڪستاني حڪومت ۽ عوام پاران تعزيت جو اظهار ڪيو. صدر چي?? ته پاڪستاني قوم چيني عوام جي ڏک ۾ برابر جي شريڪ آهي، ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ پاڪستاني عوام چيني عوام سان گڏ بيٺل آهي. هن چي?? ته دش??ن اهو قبول نه ٿا ڪري سگهن ته پاڪ چين ٻطرفا لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿي رهيا آهن، بي رحماڻي فعل ۾ ملوث ڏوهارين کي پڪڙي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو. صدر چي?? ته پاڪستان ۾ مختلف منصوبن تي ڪم ڪندڙ چيني شهرين جي سيڪيورٽي يقيني بڻائڻ جي لاءِ سمورا ضروري قدم کنيا ويندا. چيني سفير تعزيت جي لاءِ ذاتي طور تي سفارتخاني جو دورو ڪرڻ تي صدر جا ٿورا مڃيا. چيني سفير د??شتگردي جي خاتمي ۾ تعاون وڌائڻ، پاڪستان ۾ چيني ڪارڪنن کي تحفظ فراهم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. هن چي?? ته دهشتگرد انسانيت جا دش??ن آهن، بيگناهه ماڻهن کي نشانو بڻائڻ تي پڪڙڻ جي ضرورت آهي. چيني سفير جو پاڪستان سان تعاون وڌيڪ مضبوط بڻائڻ، سي پيڪ سميت ٻين منصوبن جي لاءِ حمايت جاري رکڻ جي چيني عزم جو ورجاءُ ڪيو. هن چي?? ته زندگي جي سمورن شعبن سان تعلق رکندڙ پاڪستانين دهشتگرد حملي جي مذمت ڪئي. هن چي?? ته چيني ڪارڪنن پاڪستان جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ نمايان ڪردار ادا ڪيو.