ڪراچي ??? 24 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ايندڙ سال جي بجيٽ جي تياري ?? سمورن صوبن کي اعتماد ۾ وٺڻ ۽ انهن جا خدشا ختم ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته ملڪ جو معاشي استحڪام اسان جو بنيادي مقصد آهي، معيشت جي بحالي جي لاءِ وفاق ۽ صوبن جي وچ ۾ حصيداري لازمي آهي. هن اهڙن خيالن جو اظهار سنڌ ۾ وفاقي حڪومت جي ترقياتي منصوبن جي حوالي سان اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه، وفاقي ۽ صوبائي وزير ۽ لاڳ??پي?? وزارتن جا اعليٰ آفيسر پڻ موجود هئا. وزيراعظم چيو ته معيشت جي بحالي جي لاءِ وفاق ۽ صوبن جي وچ ۾ حصيداري لازمي آهي، پاڪستان جي مجموعي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ اسان کي متحد ٿي مسئلن جو حل ڳولڻو پوندو، ملڪ جو معاشي استحڪام اسان جو بنيادي مقصد آهي، سنڌ صوبي خاص طور تي ڪراچي ۾ پاڻي جي پهچ جي پراڻي مسئلي جو جلد کان جلد حل ڳوليو وڃي. هن لاڳ??پي?? وفاقي ۽ صوبائي وزيرن ??ي سنڌ حڪومت جي مالي ۽ اقتصادي ۽ ٻين مسئلن جي پائيدار حل ڳولڻ ۽ ايندڙ سال جي بجيٽ جي تياري ?? سمورن صوبن کي اعتماد ۾ وٺڻ ۽ انهن جا خدشا ختم ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم سنڌ صوبي ۾ بجلي چوري جي خاتمي جي لاءِ وفاقي حڪومت جي عزم جو پڻ ورجاءُ ڪيو. وزيراعظم ??ي سنڌ حڪومت پاران سرڪاري ?? نجي حصيداري تحت ٺهندڙ ڪامياب منصوبن جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي. اجلاس ۾ وزيراعظم کي پاڻي وسيلن، مواصلات، اوڳاڙين، توانائي ۽ ٻين ??عب?? جي حوالي سان پڻ بريفنگ ڏني وئي.