اسلام آباد – 07 – فيبروري (اي پي پي) نگران وز??را??ظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته ڪيترائي ملڪ پاڪستان سان سياحت جي شعبي ۾ حصيداري جي لاءِ دلچسپي ظاهر ڪري چڪا آهن، مواصلاتي نظام ۽ ٻئي ضروري انفراسٽرڪچر جي تع??ير سان گلگت بلتستان جي سياحت جي شعبي کي وڌيڪ فروغ ڏئي سگهجي ٿو ۽ علائقي ۾ معاشي ترقي جا موقعا پيدا ٿيندا، لاڳاپيل عملدار اعليٰ تعليم ۽ فني تعليم جي شعبن ۾ سمورن صوبن ۾ گلگت بلتستان جي شاگردن جي ڪوٽا وڌائڻ جي لاءِ حڪمت عملي جوڙين. وز??را??ظم آفيس جي ميڊيا ??نگ پاران جاري پڌرائي موجب نگران وز??را??ظم انوارالحق ڪاڪڙ سان چيئرمين راجا ناظم الامين جي قيادت ۾ رائل فائونڊيشن آف گلگت بلتستان جي 17 رڪني وفد ملاقات ڪئي. نگران وز??را??ظم چيو ته گلگت بلتستان قدرتي وسيلن سان مالامال آهي ۽ اتان جا ماڻهو مهمان نواز آهن. هن چيو ته مواصلاتي نظام ۽ ٻئي ضروري انفراسٽرڪچر جي تع??ير سان گلگت بلتستان جي سياحت جي شعبي کي وڌيڪ فروغ ڏئي سگهجي ٿو ۽ علائقي ۾ معاشي ترقي جا موقعا پيدا ٿيندا، اسڪردو ايئرپورٽ کي عالمي حيثيت ملڻ کانپوءِ علائقي ۾ سياحت ۾ مثبت رجحان ڏسڻ ۾ آيو آهي، پاڪستان سان سياحت جي شعبي ۾ حصيداري جي لاءِ ڪيترائي ملڪ دلچسپي ظاهر ڪري چڪا آهن. نگران وز??را??ظم لاڳاپيل عملدارن کي گلگت بلتستان ۾ بجلي جي مسئلن جي پائيدار حل ڳولڻ جي لاءِ حڪمت عملي جوڙڻ جي هدايت ڪئي. هن لاڳاپيل عملدارن کي اعليٰ تعليم ۽ فني تعليم جي شعبن ۾ سمورن صوبن ۾ گلگت بلتستان جي شاگردن جي ڪوٽا وڌائڻ جي لاءِ حڪمت عملي جوڙڻ جي پڻ هدايت ڪئي. نگران وز??را??ظم چيو ته گلگت بلتستان جي مجموعي ترقي علائقي ۾ سماجي هم آهنگي تي منحصر آهي. نگران وز??را??ظم رائل فائونڊيشن آف گلگت بلتستان جي علائقي جي ترقي جي لاءِ خدمتن کي پڻ ساراهيو. وفد نگران وز??را??ظم کي گلگت بلتستان جي مختلف شعبن ۾ بهتري آڻڻ جي لاءِ تجويزون پيش ڪيون. نگران وز??را??ظم کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ويو ته گذريل سال گلگت بلتستان ۾ 16 لک کان وڌيڪ سياح اچي چڪا آهن.