اسلام آباد – 10 – جنوري (اي پي پي) نگر??ن وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته رياست شهيدن جي پونئيرن کي ڪڏهن به نه وساريندي، دهشتگرد جيتري قدر بزدلاڻيون ڪارروايون ڪندا انهن جي خلاف جنگ ۾ اوترو تيزي ايندي، دهشتگرد 24 ڪروڙ ماڻهن جي عزم کي هارائي ??ٿا ??گه??. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي صدارت ۾ نگر??ن وفاقي ڪابينا جي اجلاس دوران چئي. اجلاس ۾ باجوڙ ۾ پوليو ٽيم جي حفاظت تي مقرر پوليس اهلڪارن تي حملي جي شديد مذمت ۽ ان جي نتيجي ۾ شهيد ٿيندڙ پوليس اهلڪارن جي لاءِ فاتحه خواني ڪئي ??ئي ۽ انهن کي خراج عقيدت پيش ڪيو ويو. نگر??ن وزيراعظم چيو ته رياست شهيدن جي پونئيرن کي ڪڏهن به نه وساريندي. شهيد پوليس اهلڪارن اسان جي ايندڙ سڀاڻي لاءِ پنهنجو اڄ قربان ڪري ڇڏيو. هن چيو ته دهشتگرد جيتري قدر بزدلاڻيون ڪارروايون ڪندا انهن جي خلاف جنگ ۾ ايتري تيزي ايندي. دهشتگرد 24 ڪروڙ ماڻهن جي عزم کي هارائي ??ٿا ??گه??. هن چيو ته پاڪستان مان پوليو جي مڪمل خاتمي تائين پوليو خاتمو مشن ڀر??ور طريقي سان جاري رهندو.