اسلام آباد – 27 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي نامزد سفير کي چين سان اقتصادي، واپاري ۽ ثقافتي لاڳاپا وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته چين پاڪستان جو سڀ کان وڏو واپاري حصيدار ۽ پاڪستان ۾ سڌوسنئون پرڏيهي سيڙپڪاري جو اهم ذريعو آهي، گ??ريل هڪ ڏهاڪي ۾ پاڪ چين اقتصادي لنگهه ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏني آهي، سي پيڪ سان ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ملي آهي. ايوان صدر جي پ??يس ونگ موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي چين جي لاءِ پاڪستان جي نامزد سفير خليل الرحمان هاشمي سان ملاقات جي موقعي تي ڳالهه ٻولهه ڪري رهيو هو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته پاڪستان ۽ چين جا ٻطرفا لاڳاپا منفرد ا??مي?? رکندڙ آهن، چين پاڪستان جو ڀائر، مستقبل اسٽريٽجڪ تعاون پارٽنر آهي. هن چيو ته سي پيڪ ملڪ ۾ رستن جو ڄار وڇائڻ، اسٽريٽجڪ ا??مي?? جي بنيادي ڍانچي جي منصوبن کي تيار ڪرڻ ۾ ??دد ڪئي، چين سان ثقافتي ۽ تعليمي مٽاسٽا مضبوط دوستي جي لاءِ اهم آهي. صدر نامزد سفير کي چين سان اقتصادي، واپاري ۽ ثقافتي لاڳاپا وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي هدايت ئي. صدر نامزد سفير کي چين ۾ بطور پاڪستاني سفير مق??ر تي مبارڪباد ڏني ۽ اميد ظاهر ڪئي ته چين سان اسٽريٽجڪ حصيداري وڌيڪ بهتر ٿيندي.