اسلام آباد – 23 – نومبر (اي پي پي) صد?? ڊاڪٽر عارف علوي ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو آهي ته پاڪستان فلسطين مسئلي جي منصفاڻي ۽ پرامن ٻه رياستي ??ل جي ڀرپور حمايت ڪري ٿو، عالمي برادري فلسطيني عوام جي تڪليفن جو احساس ڪندي غزه ۾ اسرائيلي ظلم روڪڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. صدر اهڙ?? خيالن جو اظهار مسجدالحرام جي امام خطيب ڊاڪٽر صالح بن عبدالله حميد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. پاڪستان ۾ سعودي عرب جو سفير نواف بن سعيد احمد المالڪي پڻ ملاقات ۾ شريڪ هو. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب ملاقات ۾ غزه جي صورتحال، اسلامو فوبيا ۽ اسلامي دنيا کي درپيش ٻين چئلينجز تي ??يالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. صد?? ڊاڪٽر عارف علوي امام خطيب جي آجيان ڪندي چيو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ بهترين ڀائراڻا لاڳاپا آهن جيڪي گڏيل عقيدي، تاريخ ۽ عوامي رابطن تي ٻڌل آهن. ان موقعي تي ڊاڪٽر صالح بن عبدالله حميد چيو ته مسلمان دنيا فلسطين مسئلي تي متفقه موقف اختيار ڪيو آهي ته ٻه رياستي ??ل جي بنياد تي فلسطينين کي انهن جا جائز حق ڏنا وڃن. هن چيو ته فلسطين ۾ جاري تشدد ۽ ظلمن جي خاتمي جي لاءِ مسلمان دنيا جي گڏيل ڪوششن ۽ انساني همدرديءَ ۽ سفارتي مدد جي ضرورت آهي. صدر اهم مسئلن تي ??عودي عرب جي ڪردار کي ساراهيو. هن مسلم قومن کي درپيش گڏيل چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ انهن جي وچ ۾ اتحاد ۽ يڪجهتي ??ي ضرورت تي ??ور ڏنو. صدر سعودي عرب ايران لاڳاپن جي بحالي جي لاءِ سعودي عرب جي قيادت کي ساراهيو ۽ ان کي هڪ اهم اڳڀرائي قرار ڏنو ۽ چيو ته ان سان واپار ۽ ترقي کي فروغ ڏيڻ کانسواءِ خطي ۾ امن ۽ سلامتي کي فروغ ملندو. هن يمن، شام ۽ سوڊان ۾ امن ۽ استحڪام جي لاءِ سعودي قدمن کي پڻ ساراهيو. صدر مشڪل وقت ۾ پاڪستان جي معاشي مدد سان گڏوگڏ انساني امداد ۽ خاص طور تي پاڪستان ۾ تعليم ۽ صحت جي شعبن ۾ ترقياتي منصوبن ۾ تعاون تي ??عودي عرب جا ٿورا مڃيا. صد?? ڊاڪٽر عارف علوي خاص طور تي ڀارت ۾ اسلامو فوبيا ۽ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام تي ڀرتي ??لمن کي پڻ اجاگر ڪيو. هن چيو ته ڀارت والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جو آبادياتي ??ناسب بدلائي رهيو آهي ۽ مسلمانن جي نسل ڪشي ۾ ملوث آهي. ان موقعي تي ڊاڪٽر صالح بن عبدالله حميد پاڪستان حڪومت پاران شاندار استقبال ۽ مهمان نوازي تي ٿورا مڃيا.