اسلام آباد – 18 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني غزه جي الاهلي پاپسٽ اسپتال تي اسرائيلي ??مل?? تي سخت ردعمل جو اظهار ڪندي چيو آهي ته اها ڳالهه واضح آهي ته اسرائيل پاران غزه ۾ اسپتال تي ڪڌو ??مل?? پنهنجي دفاع جو عمل نه آهي. هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته اهو ??مل?? عالمي انساني قانونن جي خلاف ورزي اهي، جنهن ۾ معصوم بارن، عورتن، ڊاڪٽرن، طبي عملي ۽ پناهه وٺندڙ بي گهر شهرين کي نشانو بڻايو ويو آهي. اها ڳالهه ذڪر جوڳي آهي ته نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني او آءِ سي جي ايگزيڪيوٽو ڪم??ٽي جي غيرمعمولي اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ سعودي عرب جي شهر جده ۾ آهي، جنهن جو مقصد غزه جي ب??ران ۽ اتان جي محصور شهرين جي انساني صورتحال جو جائزو وٺڻ آهي. هي اجلاس پاڪستان ۽ سعودي عرب گڏيل طور تي گهرايو آهي. ان کان اڳ نگران پرڏيهي وزير او آءِ سي جي ملڪن جي پنهنجي هم منصبن جنهن ۾ مصر، ايران، ترڪيه ۽ گڏيل عرب امارات جا پرڏيهي وزير شامل آهن سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي هئي.