اسلام آباد – 18 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ غزه ۾ اسپتال تي اسرائيلي حملي جي شديد مذمت ڪندي عالمي برادري تي زو?? ڏنو آهي ته هو اسرائيل کي بيگناهه فلسطينين جي قتلام کان روڪي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ نگران وزيراعظم غزه جي الاهلي اسپتال تي اسرائيلي حملي جي شديد مذمت ڪئي جنهن ۾ وڏي انگ ۾ شهري مارجي ويا. هن چيو ته اسپتالن کي نشانو بڻائڻ غي??انساني فعل آهي. عالمي انساني قانون اسپتالن ۽ طبي عملي ک?? تحفظ فراهم ڪري ٿو. نگران وزيراعظم چيو ته اسان ان بنا فرق جي قتلام جي خاتمي جو مطالبو ڪريون ٿا ۽ عالمي برادري تي زور ڀريون ٿا ته اها تشدد کي روڪڻ جي لاءِ تيزي سا?? ڪم ڪري ۽ ذميوارن جو احتساب ڪري. هن چيو ته ڪجهه عرصو اڳ گڏيل قومن جي جنرل سيڪريٽري سا?? پنهنجي ڳالهه ٻولهه ۾ ان ڳالهه تي زو?? ڏنو ته عالمي برادري اسرائيل کي چوي ته هو بيگناهه فلسطينين جو قتلام بند ڪري.