اسلام آباد-03 آڪٽوبر (اي پي پي) تعليم ۽ پيشوراڻي تربيت واري نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي چيو آهي ته جٽادار معاشي ترقيءَ لاءِ تعليمي نظام کي بهتر ڪرڻ حڪومت جي اهم ترجيح آهي، ڪابه قوم تعليم بنا ترقي حاصل نٿي ڪري سگهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اسلام آباد چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي انتظام هيٺ يوني??رس??ين جي سهڪار سان شاگردن وچ ۾ هڪ بزنس پلان مقابلي ۾ خاص مهمان جي حيثيت سان خطاب ڪندي چيو. ڪامسيٽ يوني??رس??ي، رفاه يوني??رس??ي، انسٽيٽيوٽ آف اسپيس ٽيڪنالاجي، ڪيپٽل يونيور??ٽي آف سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي، ايڇ آءِ ٽي اي سي يونيور??ٽي ٽيڪسلا، نيشنل يونيور??ٽي آف سائنس ايند ٽيڪنالاجي، نسٽ بزنس اسڪول، قائداعظم يوني??رس??ي، انٽرنيشنل اسلامڪ يوني??رس??ي، شفا تعمير ملت يونيور??ٽي ۽ فاطمه جناح وومن يونيور??ٽي جي شاگردن بزنس پلان جي مقابلي ۾ حصو ??رت??. ان موقعي تي خطاب ڪندي تعليم واري وزير چيو ته جٽادار معاشي ترقيءَ لاءِ تعليمي نظام کي بهتر ڪرڻ حڪومت جي اهم ترجيح آهي ۽ حڪومت ان سلسلي ۾ سرگرم عمل آهي. هن چيو ته تعليم هر ٻار جو بنيادي حق آهي ۽ ڪابه قوم تعليم بنا بهتر ترقي حاصل نٿي ڪري سگهي، بهتر تعليم ذريعي انساني وسيلن جي ترقي حڪومت جي پاليسيءَ جو مرڪزي ٿنڀ آهي. هن چيو ته حڪومت پهرين قومي ٽيڪنيڪل اينڊ ووڪيشنل ايجوڪيشن اينڊ ٽريننگ پاليسي جوڙي آهي جنهن جو مقصد تربيت يافته ۽ هنرمند افرادي سگهه تيار ڪري صنعتي شعبي جي ضر??رت?? کي پورو ڪرڻ آهي. هن يوني??رس??ين جي شاگردن وچ ۾ بزنس پلان مقابلو منعقد ڪرڻ تي چيمبر جي قدمن کي ساراهيو، ڇاڪاڻ ان سان شاگردن کي جديد بزنس آئيڊياز پيش ڪرڻ ۽ ڪاروباري صلاحيتن جو مظاهرو ڪرڻ جو هڪ سٺو موقعو ملي ٿو. هن چيو ته سندس وزارت چيمبر سان گڏجي سرڪاري اسڪولن ۾ تعليم جي معيار کي بهتر بڻائڻ لاءِ ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهي ته جيئن ڪاروباري ۽ صنعتي شعبي لاءِ سندن معيارن موجب تربيت يافته ۽ هنرمند افرادي سگهه تيار ڪري سگهجي.