گلگت – 13 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ گلگت ۾ دل جي مرض جي اسپتال ۾ او پي ڊي جو افتتاح ڪري ڇڏيو. نگران وزيراعظم دل جي مرض جي اسپتال جو دورو ڪيو ۽ تختي جي نقاب ڪشائي ڪري او پي ڊي جو افتتاح ڪيو. 50 بسترن تي ٻڌل اسپتال ۾ ايمرجنسي، آئي سي او، س?? سي ??و، ٻارن جي وارڊ ?? سرجري سميت دل جي مرض جي علاج جون سموريون سهولتو?? موجود آهن. گلگت بل??ستان ۾ دل جي مرض جي هي پهرين اسپتال آهي. نگران گهرو وفاقي وزير سرفراز بگٽي، اطلاعات ۽ نشريات وارو نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي، گلگت بل??ستان جو وڏو وزير گلبر خان ۽ ٻيا اعليٰ عملدار پڻ ا?? موقعي تي موجود هئا. نگران وزيراعظم کي اسپتال ۾ علاج جي لاءِ فراهم ڪئي ويندڙ سهولتن بابت بريفنگ پڻ ڏني وئي ۽ ٻڌايو ويو ته جون 2024ع کان اسپتال مڪمل طور تي فعال ٿي ويندي.