اسلام آباد – 06 – سيپٽمبر (اي پي پي) تعليم ۽ پيشيوار??ڻي تربيت واري نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي چيو آهي ته اسان جو نوجوان نسل باشعور آهي، انهن جي ملڪ سان وابستگي تمام گهري آهي، پاڪستان جو مستقبل روشن آهي ڇو ته اهي ئي محب وطن ٻار اسان جي مستقبل جا معمار آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن اسلام آباد ماڊل ??ال??ج ايف سڪس ٽو ۾ منعقد دفاع جي ڏهاڙي جي تقريب ۾ ڪيو. نگران وفاقي وزير چيو ته قوم جو درد ۽ احساس انهن جي رڳ رڳ ۾ ڀريل آهي، پاڪستان دفاع ڏهاڙو اسان کي ان ڏينهن جي ياد ڏياري ٿو جڏهن پاڪستان جي شهيدن، بهادر جوانن ۽ غيرتمند پاسبانن پاڪستان جي دفاع لاءِ سرحدن تي پنهنجي بهادري ۽ شجاعت جو مظاهرو ڪيو، انهن جي شجاعت جي ناقابل يقين ڪارنامن جو ڪو مثال نه ٿو ڏئي سگهجي. تقريب ۾ ڊي جي ايف ڊي اي امجد احمد ڊائريڪٽر ??ال??جز عرفان احمد جاويد مرزا ۽ ٻيا موجود هئا. جڏهن ته آجي??ڻي واري خطاب ۾ پرنسپل پروفيسر عاليه دراني چيو ته گذريل سال سندس اداري ج?? جي پي اي سمورن ??ال??جز ۾ اول رهيو ۽ بورڊ ۾ ٻي پوزيشن پڻ حاصل ڪئي، گرائونڊ جي سهولت نه هجڻ جي باوجود انٽر بورڊ اسپورٽس ۾ شا??رد?? فتح ??اصل ڪئي. عريبه ماهه نور، آيت فاطمه ۽ ٻين پاڪ فوج جي خدمتن ۽ 1965ع جنگ جي حوالي سان خوبصورت ٽيبلو پيش ڪيا ۽ خوب داد حاصل ڪيو.