اسلام آباد – 07 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز سريف چيو ??هي ته اسپيشل انويسٽمنٽ فيسلي ٽيشن ڪائونسل ۽ سي پي?? منصوبا گڏجي ملڪ کي معاشي ترقي جي راهه تي گامزن ڪندا، چيني ڪمپينن جي پاڪستان ۾ ڪرڻ سان روزگار جا نوان موقعا پيدا ٿيندا، چيني ڪمپنين سي پيڪ ۾ 30 ارب ڊالر کان وڌيڪ جي سيڙپڪاري ڪئي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سي پيڪ ۽ ترقياتي ڪمن ۾ خدمتون سرانجام ڏيندڙ چيني ڪمپنين ۽ بئنڪن کي ايوارڊز ڏيڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ??ه سي پي?? منصوبن پاڪستان جي صنعتي ترقي ۾ اهم ڪردار ??دا ڪيو ??نهن سان نه رڳو نوڪرين جا موقعا پيدا ٿيا پر ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڀائراڻا ۽ معاشي لاڳاپا مضبوط ٿيا آهن. اسان بيلٽ اينڊ روڊ انيشي ايتو تحت سي پي?? منصوبن جي 10 سال مڪمل ٿيڻ جون تقريبون ملهايون آهن. اهو منصوبو چيني صدر شي جن پنگ جي ذهانت ۽ ويزن جو عڪاس آهي. انهن منصوبن جي ڪري چيني ڪمپنين 30 ارب ڊالر جي سيڙپڪاري پاڪستان ۾ ڪئي آهي. صدر شي جن پنگ جي قيادت ۾ چيني حڪومت ۽ ڪمپنين پاڪستان ۾ معاشي منظرنامي کي تبديل ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ??دا ڪري رهيون آهن. هن چيو ??ه هاڻي سي پيڪ جو ٻيو مرحلو شروع ٿي چڪو آهي جنهن ۾ گرين ڪوريڊور، انوويشن، آءِ ٽي ڪوريڊور، خصوصي اقتصادي زونز جهڙا وڏا منصوبا شامل آهن. اهي سي پيڪ تحت چيني ۽ پاڪستاني حڪومت جا ڪاروباري منصوبا آهن. اسپيشل انويسٽمنٽ فيسلي ٽيشن ڪائونسل (ايس آئي ايف سي) حڪومت جو اهم قدم آهي. اهو گهڻ رخو فورم آهي جنهن ۾ وفاق، صوبائي اڪائين ۽ پاڪ فوج جي نمائندگي شامل آهي. آرمي چيف جنرل عاصم منير ان معاملي ۾ سرگرمي سان حصو وٺي رهيو ??هي. هو پاڪستان جي ڪاز کي فروغ ڏيڻ جو خواهشمند آهي. اهڙا نوجوان جن وٽ تعليم ۽ ٽيلنٽ ته آهي پر انهن وٽ نوڪريون نه آهن انهن کي ان سان روزگار جا موقعا ملندا ۽ اهي قومي ترقي ۾ اهم ڪردار ??دا ڪري سگهندا. ان سان ملڪ جي صنعتن ۽ زراعت کي هٿي ڏيڻ ۾ مدد ملندي. ايس آئي ايف سي ملڪ جي ترقي، سيڙپڪاري ۽ زرعي شعبي جي فروغ جي لاءِ اهم روڊ ميپ آهي. چيني ناظم الامور ??ه رڳو سي پي?? منصوبن پر ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ دوستاڻن لاڳاپن جي فروغ ۾ اهم ڪردار ??دا ڪيو. جڏهن پاڪستان مشڪل وقت مان گذري رهيو هو ۽ اسان کي آءِ ايم ايف سان پروگرام ۾ مشڪل چئلينج درپيش هو. صدر شي جن پنگ، چيني حڪومت ۽ چيني ناظم الامور اسان جي ذاتي طور تي مدد ڪئي. هن چيو ??ه چيني ڪمپنين پاڪستان ۾ بهترين ڪم ڪيو ??هي. چيني ڪمپينن کي يقين ڏياريان ٿو ته مشڪل وقت ختم ٿي ويو ??هي. اسان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ نئين دور ۾ داخل ٿي ويا آهيون. اسان پنهنجي طريقيڪار کي آسان بڻائي ڇڏيو ??هي. ون ونڊو آپريشن جي ذريعي سهولتون ڏنيون پيون وڃن. ان کان اڳ تقريب کي خطاب ڪندي سيڙپڪاري واري وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين چيو ??ه چيني ڪمپنين ۽ بئنڪن ٻنهي ملڪن جو گڏيل خواب پورو ڪرڻ جي لاءِ ڀرپور ??حنت سان ڪم ڪيو. سي پيڪ انفراسٽرڪچر جي نئين دور ۾ داخل ٿي رهيو ??هي. پاڪستان ۾ چين جي ناظم الامور ??ينگ چنڪسو تقريب کي خطاب ڪندي چيو ??ه پاڪستان ۽ چين سي پيڪ کي 10 سال مڪمل ٿيڻ جون تقريبون ملهائي رهيا آهن. سي پي?? منصوبن جي رفتار تيز ڪرڻ تي وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ڪوششن کي ساراهيون ٿا. هن چيو ??ه پاڪستان ۽ چين دوستي جي منفرد رشتي ۾ ڳنڍيل آهن جيڪي اعتماد تي قائم آهن. صدر شي جن پنگ سي پيڪ جي 10 هين سالگرهه تي مبارڪباد وارو خط موڪليو ??هي. هن چيو ??ه 2013ع ۾ شروع ڪيل سي پي?? منصوبي کي ٻنهي ملڪن پنهنجي ترجيحن ۾ شامل رکيو. سي پيڪ کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ پنهنجي حصيداري کي وڌيڪ سگهه ڏينداسين. ٻنهي ملڪن جي عوام جي خوشحالي جي لاءِ گڏيل حصيداري کي فروغ ڏنو پيو وڃي. ان موقعي تي وزيراعظم محمد شهباز شريف سي پيڪ ۽ ترقياتي ڪمن ۾ خدمتون سرانجام ڏيندڙ چيني ڪمپنين ۽ بئنڪن جي نمائندن ۾ ايوارڊ ورهايا. ان موقعي تي توانائي وارو وفاقي وزير انجنيئر خرم دستگير، سيڙپڪاري وارو وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين، چيني ناظم الامور کانسواءِ اعليٰ عملدار پڻ موجود هئا.