اسلام آباد_ 22 جولاءِ(اي پي پي) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته پيمرا (ترميمي ) بل تي گذريل هڪ سال دوران سمورن اس??يڪ هولڊرز سان صلاح مشورا ڪيا آهن، سمورن اس??يڪ هولڊرز، پي ايف يو جي، پي پي اي، ايمنڊ، سي پي اين اي ۽ پي اين ايس کي آن بورڊ ورتو ويو آهي ۽ انهن کي آرا ??ل ۾ شامل ڪيو ويو آهي، پنهنجي هڪ ٽوئٽ ۾ هن چيو ته مون کي خوشي آهي، ته ??وم?? اسيمبلي ج?? س?? سماءَ بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي پيمرا (ترميمي) بل 2023 منظور ڪيو آهي، اهو بل خميس تي ??وم?? اسيمبلي ۾ پيش ڪيو ويو هو، ڪميٽي ميمبرن ۽ منهنجي وچ ۾ بحث کانپوءِ ڪميٽي ان بل جي منظوري ڏني، هن چيو ته پيمرا ??ل کي سمورن اس??يڪ هولڊرن جي صحيحن سان حتمي شڪل ڏني آهي، بل جي تياري ۾ جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي جي فعال شرڪت، وقت، ڪوشش ۽ قيمتي ان پٽ تي انهن جي ٿورائتي آهيان، هن چيو ته بل جو مقصد صحافين جي بهتري سميت پاڪستان ۾ آزاد، ذميوار ۽ اخلاقيات تي مشتمل ميڊيا ماحول کي فعال ڪرڻ آهي، جيئن دنيا جي جمهوري ملڪن ۾ آهن.وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته بل جي نمايان خاصيتن ۽ ان جي تياري لاءِ وسيع شراڪتي ۽ مشاورتي عمل جي تفصيلن کان پريس ڪانفرنس ۾ آگاه ڪيو ويندو.