شرقپور -22 جولاءِ (اي پي پي)وزيراعظم محمد شهباز شريف چي?? آهي، ته محمد نواز ش??يف ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي جو معمار آهي، گذريل دور ۾ عوامي منصوبن بجاءِ سياسي مخالفن خلاف انتقامي ڪارروائيون ڪيون ويون، عام چونڊ ۾ عوام جيڪو به فيصلو ڪندو اسان قبول ڪنداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن شرقپور ۾ مختلف ميگا پراجيڪٽن جي پيڙهه جو پٿر رکڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي وفاقي وزير رانا تنوير حسين، اسعد محمود، پنجاب پوليس جي آفيسرن سميت ٻيا اعليٰ عملدار موجود هئا. وزيراعظم چي?? ته هي منصوبا عوامي ڀلائي جا منصوبا آهن، انهن منصوبن سان نه رڳو هنن علائقن جي صورت تبديل ٿيندي، پر عوام کي درپيش ٽريفڪ جي حوالي سان به مسئلن ۾ گهٽتائي ايندي. ماڻهن کي روزگار جا موقعا ملندا. هن چي?? ته انهن منصوبن تي 35 ارب رپين جي لاڳت ايندي، جن منصوبن جي اڄ مان پيڙهه جو پٿر رکي رهيو آهيان، ان چي?? ته ڪالاشاهه ڪاڪو کان لاهور ڪراچي موٽر وي تائين 19 ڪلوميٽر باءِ پاس تعمير ڪرڻ جو منصوبو آهي ۽ ان سان سڄي علائقي ۾ خوشحالي جو انقلاب ايندو، اهڙي طرح ٻيو منصوبو لاهور ڪراچي موٽر وي سڪيان روڊ ۽ مين راوي پل تائين توسيعي منصوبو آهي جنهن سان بي پناهه عوام کي فائدو پهچندو، ٽيون منصوبو عبدالحڪيم موٽر وي تي آسان (انٽرچينج) جي تعمير آهي، چوٿون منصوبو قائداعظم يونيورسٽي جو ڪيمپس آهي ان جي تعمير آهي. پنجون منصوبو اسڪائوٽس ڪاليج آهي جڏهن ته ڇهون منصوبو شاهدره کان ڪالاشاهه ڪاڪو تائين ميٽرو بس جو آهي، انهن منصوبن جي تعمير سان عوام کي بي پناهه فائدو پهچندو. هن چي?? ته محمد نواز ش??يف پاڪستان جي ترقي جو معمار آهي، ملڪ م سي پيڪ آڻڻ، روڊن جو ڄار وڇائڻ ۽ ملڪ کي ترقي جي راهه تي گامزن ڪرڻ جو سمورو ڪريڊٽ نواز ش??يف ڏانهن وڃي ٿو. 2018ع ۾ پاڪستان جي ترقي جو رستو روڪيو ويو، محمد نواز ش??يف اهو ماڻهو آهي جنهن پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي جو نقشو ئي مٽائي ڇڏيو. نواز ش??يف کي جيل ۾ بند ڪيو ويو، هن جي ڌيءَ کي گرفتار ڪيو ويو. هن چي?? ته عمران خان ??نه??جي دور ۾ چي?? هو ته مان 90 ڏينهن ۾ 300 ارب ڊالر جيڪي پاڪستان جا ٻاهر پيا آهن انهن کي واپس پاڪستان آڻيندس، پر اڄ تائين هڪ رپيو به پاڪستان ناهي آيو، جيڪڏهن اهو پئسو اچي وڃي ها ته اڄ مون کي آءِ ايم ايف وٽ نه وڃڻو پوي ها. هن چي?? ته عمران خان تي 190 ملين پائونڊ جيڪي پاڪستاني 50 ارب رپين ٺهن ٿا اهو اسڪينڊل آهي، اهڙو اسڪينڊل مون تي به لڳو هو، ان اسڪينڊل جي حوالي سان 2 سال منهنجي خلاف جاچ ڪئي وئي پر منهنجي خلاف ڪجهه به ثابت نه ٿيو، 190 ملين پائونڊ جي رقم برطانيه ۾ پئي هئي جنهن کي آڻڻ لاءِ پي ٽي آءِ دعويٰ ڪئي هئي، نيازي حڪومت برطانيه ۾ پيل پئسي کي حاصل ڪرڻ لاءِ عدالت ۾ پارٽي بڻجي وئي پر اهو پئسو پاڪستان جي ناڻي ۾ نه آيو جڏهن ته اهو سپريم ڪورٽ جي ناڻي ۾ هليو ويو. شهباز شريف چي?? ته جيڪڏهن برطانيه مان 50 ارب رپين جي رقم ملڪي خزاني ۾ اچي وڃي ها ته پئسو انهن منصوبن تي لڳي ها جن جي پيڙهه جو پٿر اڄ مان رکيو آهي پر اهو پئسو پاڪستان جي خزاني ۾ ناهي آيو. هن چي?? ته عمران خان بند لفافو پاڪستان جي ڪابينه ۾ کڻي ويو ۽ چي?? ته ان تي ٺپو لڳايو، ان بند لفافي ۾ جيڪڏهن اهو هجي ها ته اسان ڪشم??ر جو سودو ڪري رهيا آهيون ته ڇا اهو ڪابينه جو فيصلو هو، يا الله نه ڪري پاڪستان جي ايٽمي اثاثن جو سودو ڪيو آهي ته ڇا اهو ڪابينه جو فيصلو هو. عمران خان جيڪو ان وقت جو وزيراعظم هو چي?? ته هن بند لفافي تي صحيحي ڪيو، اهو ڏوهه اهي جيڪو پي ٽي آءِ جي حڪومت ۾ ڪيو ويو. هن چي?? ته جيڪڏهن ملڪ ڊفالٽ ڪري وڃي ها ته قوم اسان کي ڪڏهن به معاف نه ڪري ها، اهو سوچي منهنجون ننڊون حرام ٿي وينديون هيون جيڪڏهن الله نه ڪري ملڪ کي ڪو نقصان پهچي ها ته مستقبل ۾ قوم اسان کي معاف نه ڪري ها پر الله سائين اسان کي ??نه??جي ف??ل و ڪرم سان ڊفالٽ ٿيڻ کان بچايو. هن چي?? ته جڏهن مان پنجاب جي وڏي وزير طور شاگردن کي ليپ ٽاپ ڏيندو هئس ته مخالف چوندا هئا ته هي ماڻهن کي رشوت ڏئي رهيو آهي، جيڪڏهن عام چونڊن ۾ اسان کي ڪاميابي ملي ته اسان هر شاگرد جي گهر ليپ ٽاپ پهچائينداسين. هن چي?? ته مهانگائي جو دور جادو سان نه پر محنت سان ختم ڪنداسين.تقريب کي خطاب ڪندي وفاقي وزير رانا تنوير حسين چي?? ته محمد نواز ش??يف جي ويزن کي اڳتي وڌائيندي وزيراعظم محمد شهباز ش??يف اڄ ترقياتي منصوبن جي شروعات ڪئي، شهباز ش??يف پنجاب جي وڏي وزير طور عوام جي لازوال خدمت ڪئي. هن چي?? ته مسلم ليگ (ن) عوامي خدمت ۾ هميشه اڳڀري رهي آهي. معيشت بحالي لاءِ حڪومت ڪا به قصر ناهي ڇڏي. وفاقي وزير مولانا اسعد محمود چي?? ته وزيراعظم ڪالاشاهه ڪاڪو کان لاهور ڪراچي موٽر وي کي ڳنڍڻ لاءِ لاهور باءِ پاس جو پيڙهه جو پٿر رکي ڇڏيو آهي. انهن منصوبن جي پيڙهه جي پٿر تي شيخو پوره ۽ لاهور جي رهواسين کي مبارڪون ڏيان ٿو. هن چي?? ته 2018ع کان پوءِ ملڪ ۾ ترقياتي منصوبن کي روڪيو ويو، محمد نواز ش??يف ملڪ ۾ موٽر ويز جي شروعات ڪئي، اتحادي حڪومت وزيراعظم جي قيادت ۾ موٽر ويز جو تسلسل برقرار رکيو آهي. هن چي?? ته گذريل حڪومت ۾ دوست ملڪن جو اعتماد ٽوڙيو ويو جنهن کي اسان بحال ڪيو، موجوده حڪومت ۾ اين ايڇ اي جا 51 منصوبا شروع ڪيا ويا، ايندڙ اليڪشن ۾ اسان ??نه??جي 14 مهينن جي ڪارڪردگي عوام جي سامهون رکنداسين.