لاهور – 24 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اڄ سومر ڏينهن خانيوال ۾ گرين پاڪس??ان انيشي ايٽو جي فليگ ??پ پراجيڪٽ، پاڪس??ان جي پهرين مڪمل طور تي پاڻمرادو ۽ پوکيءَ جي جديد طريقن تي ٻڌ?? ”??انيوال ماڊل ايگريڪلچرل فارم“ جو افتتاح ڪندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب تقريب ۾ چيف آف آرمي ??سٽاف جنرل سيد عاصم منير، وفاقي وزير، صوبائي چيف سيڪريٽريز، زرعي ماهر، آبادگار ۽ اعليٰ فوجي آفيسر شرڪت ڪندا. پاڪس??ان جي واڌويجهه جي شرح ۾ زرعي شعبي جو حصو رڳو 23 سيڪڙو آهي، جيڪو ان جي حقيقي صلاحيت کان گهٽ آهي. پاڪس??ان جي زرعي شعبي جي سگهه کي پوکيءَ جي جديد طريقن جي ذريعي استعمال ۾ آڻي سگهجي ٿو. گرين پاڪس??ان انيشي ايٽو سڀني ڌرين جي وچ ۾ حصيداري جو هڪ منفرد پليٽ فارم آهي، جنهن ۾ اسپيشل انويسٽمنٽ فيسلي ٽيشن ڪائونسل سان سيڙپڪاري جو مثبت رجحان ڏٺو ويو آهي.