اسلام آباد – 19 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان متحده قومي موومينٽ جي وفد ڪنوينر خالد م??بول صديقي جي ??ربراهي ۾ ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ تازي آدمشماري بابت پڻ مشاورت ٿي، وفد آءِ ايم ا??ف سان معاهدي تي وزيراعظم کي خراج تحسين پيش ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميديا ونگ مو??ب وفد ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي وارو وفاقي وزير سيد امين الحق، سنڌ جو گورنر ڪامران خان ٽيسوري، ڊاڪٽر فاروق ستار، مصطفيٰ ڪمال شريڪ هئا. ان موقعي تي ريلوي ۽ هوابازي وارو وفاقي وزير خواجه سعد رفيق ۽ اقتصادي معاملن وارو وفاقي وزير سردار اياز صادق به مو??ود هئا. ملاقات ۾ مو??وده ملڪي سياسي صورتحال تي تفصيلي مشاورت ٿي. ملاقات وزيراعظم جي نگران حڪومت جوڙڻ بابت اتحادين سان مشاورت جي ??لسلي جي هڪ ڪڙيءَ آهي. ملاقات ۾ تازي آدمشماري بابت مشاورت ٿي. وفد وزيراعظم کي ڪراچي ۾ وفاقي حڪومت جي ??اري منصوبن جي ??اتي نگراني ۽ ترجيحي بنيادن تي ان تي ڪم يقيني بڻائڻ تي خراج تحسين پيش ڪيو. متحده جي وفد وزيراعظم جي قيادت ۾ حڪومتي معاشي ٽيم جي ڪوششن سان آءِ ايم ا??ف سان معاهدو مڪمل ٿيڻ تي وزيراعظم کي خراج تحسين پيش ڪيو.