اسلام آباد – 12 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان گ??يل قومن جي انساني حقن واري ڪائونسل ج?? ”امتيازي سلوڪ، دشمني يا تشدد تي ات??اه??ندڙ مذهبي نفرت جي خاتمي جي عنوان سان قرارداد جي منظوري جي آجيان ڪري ٿو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته اسان گ??يل قومن جي انساني حقن واري ڪائونسل ج?? سمورن ميمبر ملڪن جا ٿورائتا آهيون جن او آءِ سي پاران پاڪستان پاران پيش ڪيل قرارداد جي حمايت ڪئي. هن چيو ته سوئيڊن ۾ قرآن پاڪ جي سرعا?? بي حرمت?? جهڙن واقعن کي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ٿو ڪري سگهجي، سموريون مذهبي علامتون، مقدس شخصيتون ۽ آسماني ڪتاب سمورن عقيدن جي پيروڪارن جي لاءِ هڪ جهڙا مقدس آهن. وزيراعظم چيو ته اظهار جي آزادي جي نالي تي قرآن پاڪ کي ساڙڻ جهڙي ڪڌن ڪمن ۾ ملوث ماڻهن کي سرعا?? بي نقاب ڪرڻ گهرجي. وزيراعظم چيو ته مذهبي رواداري، تڪثيريت ۽ سمورن عقيدن جي احترام جي گ??يل قدرن جي تحفظ جي عزم تي اتفاق راءِ سان انسانيت جي بهتر خدمت ٿئي ٿي.