اسلام آباد – 17 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته زمان پارڪ ۾ رياستي ادارن کي چئلينج ڪيو پيو وڃي، بار بار وقت مل?? جي باوجود عمران خان عدالت ۾ پيش نه ٿيو، هو غيرقانوني عمل سان عدالت تي اثرانداز ٿي?? جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، پوليس ڪرپشن ڪيسز ۾ عمران خان کي گرفتار ڪر?? جي لاءِ عدالتي حڪمن جي تعميل تي زمان پارڪ ۾ ??وج??د هئي. عالمي نشرياتي اداري ”بي بي سي“ سان ڳالهائيندي مريم اورنگزيب چيو ته زمان پارڪ ۾ ڪارروائي دوران پوليس وٽ ڪو هٿيار نه هو، پوليس اهلڪارن کي ڏنڊن ۽ پٿرن سان ماريو ويو، انهن جي گاڏين تي پيٽرول بمن سان حملا ڪيا ويا. ان ڏوهاري فعل جي ڪري ڊي آءِ جي آپريشنز سميت 65 پوليس اهلڪار زخمي ٿيا جيڪي اسپتال ۾ داخل آهن. مريم اورنگزيب چيو ته عمران خان گرفتاري کان بچ?? جي لاءِ پارٽي ڪارڪنن، عورتن ۽ ٻارن کي انساني ڍال طور استعمال ڪيو. ه?? چيو ته تازي آڊيو ليڪ ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته عمران خان پنهنجي ڪارڪنن ۽ سينيئر عهديدارن کان پيٽرول گهرا??ي پيٽرول بمن ۾ استعمال ڪرايو. ه?? چيو ته عمران خان غيرقانوني عمل سان عدالت تي اثرانداز ٿي?? جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. پاڪستان جي آئين ۾ قانون سڀني جي لاءِ برابر آهي، جيڪو قانون منهنجي لاءِ آهي اهو ئي سڀني جي لاءِ آهي. ه?? چيو ته جيڪڏهن برطانيا ۾ ڪو سياسي اڳواڻ پوليس ۽ عدالتي حڪمن جي خلاف ورزي ڪري، پنهنجي ورڪرز کي رستن تي تشدد تي اتسا??ي ۽ پاڻ گهر تي لڪي وي??ي ۽ پنهنجي پارٽي ڪارڪنن کي انساني ڍال طور استعمال ڪري، ته اتي ڇا ٿيندو؟ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته عمران خان قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سان تعاون بدران قانون شڪني ڪري رهيو آهي، عمران خان کي ملڪ ۾ گهرو ويڙهه، تشدد، انارڪي کي هوا ڏي?? جي اجازت جي اجازت هرگز نه ٿي ڏئي سگهجي.