اسلام آباد – 17 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي انڊونيشيا جي صدر ۽ عوام جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي انڊونيشيا ۾ پاڪستاني سيڙپڪار جي م??املي ??ي جلد اڳڀرائي جي لاءِ انڊونيشيا جي صدر کي ذاتي ڌيان جي درخواست ڪئي آهي. ايوان ص??ر جي پريس ونگ موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي انڊونيشيا جي ص??ر جي نالي ??ط لکيو آهي جنهن ۾ هن چيو ته پاڪستان ۽ انڊونيشيا ويجها دوست، اسلامي تعاون تنظيم جي ڏس ۾ ٻطرفا حصيدار آهن، ٻنهي ڀائر ملڪن معاشي ۽ واپاري لاڳاپا وڌائڻ، واپارين کي سهولت ڏيڻ جي لاءِ ڪوششون ڪيون آهن. صدر انڊونيشيا جي صدر کي انڊونيشيا ۾ پاڪستاني سيڙپڪار ملڪ محمد آصف کي ڪا??وباري م??املن ۾ مشڪلا??ون پيش اچڻ تي م??د فراهم ڪرڻ جو چيو. خط ۾ چيو ويو آهي ته ملڪ محمد آصف انڊونيشيا جي عملدارن کي پاڪستاني سفارتخاني جي ذريعي پنهنجون شڪاي??ون جمع ڪرائي چڪو آهي جڏهن ته معاملو اڃا حل طلب آهي. ان کان اڳ ملڪ محمد آصف صدر کي انڊونيشيا جي ص??ر جو ڌيان ڇڪرائڻ ۽ منصفاڻي بنيادن تي م??املو حل ڪرائڻ جي لاءِ درخواست ڪئي هئي.