اسلام آباد – 28 – فيبروري (اي پي پي) ??در ڊاڪٽر عارف علوي صنعت ۽ معيشت جي ٻين شعبن جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ ملڪ ۾ مه??رت تي ٻڌل ۽ فني تعليم کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ملڪ ۾ اٽڪل 2 ڪروڙ کان وڌيڪ ٻار اسڪولن کا?? ٻاهر آهن، اهڙ?? ٻارن کي ملڪ جو ڪارائتو شهري بڻائڻ جي لاءِ انهن جي فڪري ۽ جسماني واڌويجهه جي لاءِ فوري قدمن جي ضرورت آهي. ??در اهڙن خيالن جو اظهار ايوان ??در اسلام آباد ۾ نيشنل اسڪلز يونيورسٽي جي سينيٽ جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. ??در زور ڏنو ته نيشنل اسڪلز يونيورسٽي کي مارڪيٽ جي طلب کي پورو ڪرڻ جي لاءِ وڌيڪ هنرمند ماڻهو پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن يونيورسٽين پاران شاگردن جي لاءِ ڪيريئر ڪونسلنگ جي ضرورت تي روشني وڌي ته جيئن انهن کي مناسب پيشن جي چونڊ ۾ مدد ملي سگهي. هن نيشنل اسڪلز يونيورسٽي انتظاميا کي چيو ته گريجوئيٽس جي معيار ۽ مه??رت کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ قومي ۽ عالمي فني تعليمي ادارن سان رابطو قائم ڪيو وڃي. نيشنل اسڪلز يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر محمد مختار اجلاس کي ملڪ ۾ هنر تي ٻڌل تعليم جي فروغ ۾ يونيورسٽي جي ڪردار با??ت ٻڌايو. نيشنل اسڪلز يونيورسٽي جي سينيٽ پاران وائيس چانسلر جي فيصلن جي توثيق ڪرڻ کانسواءِ سينيٽ جي چوٿين اجلاس جي منٽس جي پڻ توثيق ڪئي. اجلاس ۾ مريدڪي شيخوپوره ۾ نيشنل اسڪلز يونيورسٽي جي سب ڪئمپس جي قيام جي پڻ منظوري ڏني وئي.