ڪراچي – 23 – فيبروري (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئر??ين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري حيدرآباد جي پارٽي اڳواڻ شاهد اقبال جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو. بلاول هائوس ميڊيا سيل پاران جاري بيان موجب بلاول ڀٽو زرداري تعزيتي پيغام ۾ سوڳوار خاندان سان تعزيت جو اظهار ڪيو. هن چيو ته ڏکويل خاندان جي ڏک ۾ برابر ??و شريڪ آهيان، الله تعاليٰ مرحوم جي مغفرت ۽ پونئيرن کي صبر ??ميل عطا فرمائي.