اسلام آباد – 15 – فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري س??ن آئيوري ڪوسٽ جي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اڊامه بڪنوگو ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب ملاقات ۾ گڏيل مفاد تي ٻڌل گهڻ رخي شعبن ۾ تعاون تي خيالن جي ڏي و?? ڪئي وئي. ملاقات ۾ پارلياماني رابطن، او آءِ سي، آفريقي يونين ۽ واپاري شعبي ۾ تعاون تي پڻ ڳالهه ٻولهه ٿي. ان موقعي تي پرڏيهي وزير چيو ته پاڪست??ن آئيوري ڪوسٽ سان پنهن??ي لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو. هن چيو ته پاڪست??ن آئيوري ڪوسٽ سان پنهن??ي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ چاهي ٿو. آئيوري ڪوسٽ جي اسپيڪر بهترين ميزباني تي پاڪستاني قيادت جا ٿورا مڃيا.