اسلام آباد – 01 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ??ين جي اڳوڻي صدر جيانگ زيمن جي لاڏاڻي تي تعزيت جي اظهار لاءِ چيني سفارتخاني جو دورو ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف ??يني سفير نونگ رونگ سان ملاقات ۾ چين جي اڳوڻي صدر جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو ۽ تع??يت?? ڪتاب ۾ پنهنجا تاثر قلمبند ڪيا. ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته چين جي اڳوڻي صدر کي سدائين هڪ عظيم اڳواڻ طور ياد رکيو ويندو. هن پاڪ چين لاڳاپن کي مضبوط ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. چين جي ترقي ۾ اڳوڻي صدر جيانگ زيمن جو ڪردار اهم ۽ آفاقي ح??ثيت رکندڙ آهي.