اسلام آباد – 28 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم ٻوڏ ??تا??ري?? جي بحالي لاءِ لاڳاپيل ادارن کي دستياب وسيلا هنگامي بنيادن تي استعمال ۾ آڻڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف ٻوڏ سٽيل?? جي بحالي جي حوالي سان جائزه اجلاس جي صدارت ڪئي. منصوبابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال وزيراعظم کي ٻوڏ سٽيل?? جي پائيدار بحالي جي لاءِ گڏيل قومون (يو اين) ۽ ايشيائي ترقياتي بئنڪ (اي ڊي بي) جهڙن عالمي ترقياتي حصيدار?? جي مدد سان تيار ڪئي ويندڙ ??وسٽ ڊيزاسٽر اينڊ اسيسمنٽ (پي ڊي ايم اي) تي بريفنگ ڏني. اجلاس ۾ موسمياتي تبديلي واري وفاقي وزير شيري رحمان، ناڻي واري وفاقي وزير محمد اسحاق ڊار، منصوبابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال، نيشنل ڪوآرڊينيٽر اين ايف آر سي سي ليفٽيننٽ جنرل ظفر اقبال ۽ ايڊيشنل سيڪريٽري نديم اسلم چوڌري شرڪت ڪئي.