اسلام آباد – 10 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف کي ماحولياتي تبديلين جو معاملو موثر طريقي سان اجاگر ڪرڻ تي ??ڏي?? قومن جي ماحولياتي تبديلين ۽ مسئلن جي حل بابت ??نظيم (سي او پي – 27) جي نائب صدارت ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي، ??ڏي?? قومن جي 195 ملڪن مان پاڪستان جي وزيراعظم کي ان عهدي جي لاءِ چونڊڻ تمام وڏو عالمي اعزاز آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف ڪانفرنس آف پارٽيز (سي او پي – 27) جي اجلاس جي ناروي جي وزيراعظم، مصر جي صدر سان گڏ ??ڏي?? صدارت ڪندو. اهو اجلاس شرم الشيخ مصر ۾ 6 کان 18 نومبر تي ٿيندو. واضح رهي ته هن وقت سي او پي 27 جي صدارت مصر وٽ آهي. مصر جي صدر عبدالفتاح السيبي وزيراعظم شهباز شريف کي سي او پي 27 اجلاس جي ??ڏي?? صدارت جي دعوت ڏني آهي. اجلاس ۾ عالمي سربراهن، حڪومتن جي سربراهن، عالمي مالياتي ادارن ۽ ٿنڪ ٽينڪس جا ذميوار شرڪت ڪندا. ??ڏي?? قومن جي اهتمام هيٺ ماحولياتي تبديلين جي مسئلن ۽ ان جي حل جي حوالي سان هي 27 هون اجلاس هوندو. وزيراعظم شهباز شريف جي ماحولياتي تبديلين جي حوالي سان پراثر آواز تي ان کي اهو عهدو ڏنو ويو. تازي ٻوڏ کانپوءِ وزيراعظم شهباز شريف شنگ??ائ?? تعاون تنظيم (ايس سي او) جي ملڪي ۽ حڪومتي سربراهن جي ڪائونسل ۽ ??ڏي?? قومن جي جنرل اسيمبلي جي 77 هين اجلاس ۾ ماحولياتي تبديلين تي موثر آواز اٿاريو هو. ماحولياتي تبديلين جي مسئلي کي ”ايس سي او تنظيم جي سطح تي اٿارڻ جي وزيراعظم شهباز شريف جي تجويز جي ٻين ملڪن تائيد ڪئي هئي. شنگ??ائ?? تعاون تنظيم جي ملڪي ۽ حڪومتي سربراهن جي ڪائونسل جو اجلاس 15 کان 16 سيپٽمبر تي ثمرقند ۾ ٿيو هو.