اسلام آباد – 05 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ٿرڪول مائنز کي ??يلوي لائين سان ڳنڍڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته ٿر جو ڪوئلو بجلي گهرن ۾ استعمال ٿيڻ سان ساليانو 2 ارب ڊالر کان وڌيڪ جي پرڏيهي ناڻي جي بچت ٿيندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ٿر ڪول مائنز کي ??يلوي لائينز سان ڳنڍڻ بابت اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن اسحاق ڊار، احسن اقبال، خرم دستگير، خاص معاونين جهانزيب خان، ظفرالدين محمود ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي جڏهن ته ريلوي وارو وفاقي وزير خواجه سعد رفيق ۽ سنڌ جو وڏو وزير سيد علي شاهه وڊيو لنڪ ذ??يعي اجلاس ۾ شريڪ ٿيا. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته ٿر ڪول مائنز کي ??يلوي لائين سان ڳنڍڻ سان مقامي ڪوئلو ڄامشورو، پورٽ قاسم ۽ ملڪ جي ٻين پاور پلانٽس سان گڏوگڏ مقامي صنعت کي پڻ فراهم ڪيو ويندو، ان سان ڪوئلي ۽ ٻارڻ جي درآمد ۾ خرچ ٿيندڙ قيمتي پرڏيهي ناڻو بچائي سگهبو. وزيراعظ?? لاڳاپيل عملدارن کي ??رجيحي بنيادن تي ان منصوبي تي ڪم ڪرڻ ۽ ان کي مارچ 2023ع تائين مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وفاقي حڪومت ۽ سنڌ حڪومت جي وچ ۾ ٿرڪول مائنز کي ??يلوي لائين سان ڳنڍڻ جو منصوبو حصيداري سان ٺاهڻ جو اصولي فيصلو ڪيو ويو آهي. وزيراعظم چيو ته گذريل چار سال ۾ ملڪ کي ناقابل تلافي نقصان پ??چا??و ويو، اسان کي پاڪستان اسپيڊ سان قومي اهميت جا منصوبا مڪمل ڪرڻا آهن، حڪومت ڏينهن رات محنت سان پاڪستان جي ترقي جيڪا 2018ع کان 2022ع تائين ڄاڻي واڻي روڪي وئي، کي ??حال ڪري رهي آهي، اسان گذريل حڪومت جي دور ۾ منصوبن کي ??ڪارڊ مدي ۾ مڪمل ڪيو. هن چيو ته گذريل حڪومت نوان منصوبا شروع ڪرڻ ته پري جاري منصوبا روڪي ملڪ ۽ قوم جو پئسو برباد ڪرڻ جي ڪڌي سازش ڪئي. وزيراعظم چيو ته ٿرڪول مائنز کي ??يلوي لائين سان ڳنڍڻ سان درآمدي ڪوئلي بدران مقامي ڪوئلي جو استعمال ٿيندو، ٿر جو ڪوئلو بجلي گهرن ۾ استعمال ٿيڻ سان 2 ارب ڊالر ساليانو کان وڌيڪ جو پرڏيهي ناڻو بچائي سگهبو.