ڪراچي-30 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم جي قائم ڪيل رليف ڪميٽيءَ جو ??فاقي وزير سيد خورشيد احمد شاهه جي صدارت هيٺ اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس ۾ سنڌ جو چيف سيڪريٽري ڊاڪٽر محمد سهيل راجپوت، مڪاني کاتي جي صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه، اڳوڻو وڏو وزير سيد قائم علي شاهه ۽ ٻين شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ فلاحي ادارن جي اڳواڻن ظفر عباس، صارم برني ۽ ٻيا به شريڪ ٿيا. پاڻي وسيلن واري وفاقي وزير خورشيد احمد شاهه هدايت ڪئي ته شهرن مان پاڻي ڪڍڻ ل??ءِ وڏي ڊي واٽرنگ پمپ لڳايا وڃن ۽ ٻوڏ متاثر علائقن ۾ عوام کي گيسٽرو ۽ مليريا کان محفوظ رکڻ ل??ءِ قدم کنيا وڃن. هن چ??و ته فلاحي ادار?? کي پيش ايندڙ مسئل?? کي حل ڪنداسين. اجلاس ۾ مڪاني کاتي واري صوبائي وزير ناصر حسين شاهه ٻُڌا??و ته شهرن مان پاڻي ڪڍڻ ل??ءِ تيزيءَ سان ڪم ڪيو پيو وڃي، اهو تاثر غلط آهي ته زمين?? کي بچائڻ ل??ءِ ڪٽ لڳايا ويا هئا. هن چ??و ته سنڌ جي وڏي وزير جو ??نهنجو ڳوٺ پڻ شديد متاثر ٿيو آهي، آبپاشي کاتي کي پاڻيءَ جي نيڪالي جي ذميداري ڏني وئي آهي، جڏهن ته شهري آبادين کان پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ ۽ مڪاني ادارن پاڻيءَ جي نيڪالي وارو ڪم ڪري رهيا آهن. صوبائي وزير ناصر حسين شاهه چ??و ته اين ڊي ايم اي ۽ پي ڊي ايم اي ملي ڪري ڪم ڪري رهيا آهن، جيڪا امداد پاڪستا?? کي ملي رهي آهي اها اين ڊي ايم اي ۽ وفاق حوالي ڪئي وڃي ٿي، ان ۾ صوبائي نمائندگي پڻ موجود هوندي آهي. اجلاس ۾ چيف سيڪريٽري سنڌ ڊاڪٽر محمد سهيل راجپوت ٻوڏ متاثرن جي بحاليءَ بابت آگاهي ڏيندي چ??و ته منڇر مان پاڻيءَ جو ??هڪرو گهٽ ٿي 117 فوٽ رهجي ويو آهي. هن ٻُڌا??و ته هاڻ تائين 210 فوت ٿيل ماڻهن جي وارث?? کي حڪومت طرفان اعلان ڪيل رقم ڏني وئي آهي، ٻوڏ سبب 432852 چوپايو مال مري ويو آهي.