اسلام آباد – 12 – سيپٽمبر (اي پي پي) آءِ پي يو جي صدر دوارتي پشيگو پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف پارليامينٽري سروسز (پيپس) جو دورو ڪيو. ان موقعي تي سينيٽر فيصل سليم رحمان به آءِ پي يو جي صدر سان گڏ هو. سينيٽ سيڪريٽريٽ موجب ايگ??يڪ??وٽو ڊائريڪٽر پيپس محمد انور ۽ ٻين آفيسرن مهمانن کي ڀليڪار چيو. ايگ??يڪ??وٽو ڊائريڪٽر پيپس آءِ پي يو جي صدر کي پيپس قائم ڪرڻ، تاريخ ۽ ڪم جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني. آءِ پي يو جي صدر پاڪستان ۾ پارلياماني نظام جي مضبوطي ۾ پيپس جي ڪردار کي ساراهيو. ان موقعي تي آءِ پي يو جي صدر چيو ته پيپس جهڙا ادارا جمهوريت جي فروغ ۾ انتهائي اهم ڪردار ??دا ڪندا آهن. آءِ پي يو جي صدر پيپس لائبريري جو جائزو ورتو ۽ مهمانن واري ڪتاب ۾ پنهنجا تاثر به لکيا. بعد ۾ سينيٽر سليم رحمان ۽ پيپس جي ايگ??يڪ??وٽو ڊائريڪٽر محمد انور آءِ پي يو جي صدر کي يادگاري شيلڊ پيش ڪئي. آءِ پي يو جو صدر ٻوڏ سبب پيدا ٿيندڙ صورتحال جي ڪري پاڪستان سان يڪجهتي اظهار لاءِ پاڪستان جو دورو ڪري رهيو ??هي.