اسلام آباد – 05 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم شهب??ز شريف جي خصوصي هدايت تي ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ بجلي جي بحالي جو ڪم هنگامي بنيادن تي جاري آهي، دادو – خضدا?? ٽرانسميشن لائين بحال ڪئي وئي آهي، وزيراعظم بجلي جي سپلائي جي بحالي کي پاڻ مانيٽر ڪري رهيو آهي، ان حوالي سان کيس روزاني جي بنياد تي رپورٽ پيش ڪئي پئي وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نيشنل ٽرانسميشن اينڊ ڊسپيچ ڪمپني جي دادو – خضدا?? ٽرانسميشن لائين بحال ڪئي وئي آهي. دادو – خضدا?? ٽرانسميشن لائين جي بحالي سان ٻوڏ کان متاثر وچ بلوچستان جي هڪ وڏي حصي کي بجلي جي سپلائي بحال ٿي وئي آهي جڏهن ته سب?? کان ڪوئيٽا ٽرانسميشن لائين، جنهن جا 10 ٽاور ٻوڏ واري پاڻي جي ڪري ڪري پيا هئا، انهن تي بحالي جو ڪم 10 سيپٽمبر تائين مڪمل ٿي وڃڻ جي اميد آهي. سب?? کان مڇ ٽرانسميشن لائين تي به بحالي جو ڪم جاري آهي. وزيراعظم محمد شهب??ز شريف جي خصوصي هدايت تي ٻوڏ سٽيل علائقن جي بجلي جي بحالي جو ڪم هنگامي بنيادن تي جاري آهي. وزيراعظم بجلي جي سپلائي جي بحالي کي پاڻ مانيٽر ڪري رهيو آهي، ان حوالي سان کيس روزاني جي بنياد تي رپورٽ پيش ڪئي پئي وڃي.