اسلام آباد – 23 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف قطر جي 2 ڏينهن جي سرڪاري د??ري تي رو??نو ٿي ويو. وزيراعظم آفس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم اڄ اڱاري تي 2 ڏينهن (23 کان 24 آگسٽ) تي قطر جي د??ري جي لاءِ اسلام آباد کان دوحه رو??نو ٿي ويو آهي. وزيراعظم امير شيخ تميم بن حمد الثاني جي دعوت تي قطر جو دورو ڪري رهيو آهي وزيراعظم جو قطر جو دورو پاڪستان ۽ قطر جي ٻن طرفن لاڳاپن، واپار، سيڙپڪاري ۽ علاقائي امن جي لاءِ ٻنهي ملڪن جي تعاون جي فروغ لاءِ انتهائي اهميت جو حامل آهي. عهدو سنبهالڻ کان پوءِ وزيراعظم جي قطر جي پهرين دوري سان پاڪستان ۾ زراعت، قابل تجديد توانائي، هوابازي، انفرااسٽرڪچر، سياحت، لائف اسٽاڪ، روزمره استعمال جي برآمدي صنعت ۽ ٻين شعبن ۾ ??طر?? سيڙپڪاري کي فروغ ملندو. قطر جي د??ري د??ران وزيراعظم قطر جي امير ۽ قطر جي اعليٰ قيادت سان ملاقاتون ڪندو.