اسلام آباد – 22 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف ٻوڏ متاثر علائقن ۾ جاري امدادي ڪاررواين کي وڌيڪ تيز ۽ موثر بڻائڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته ٻوڏ ۾ ڦاٿل ماڻهن کي فوري طور تي محفوظ جاين تي منتقل ڪيو وڃي ۽ متاثرين کي تنبو، کاڌي پيتي جي شين ۽ صاف پاڻي جي فراهمي يقيني ب??ائ?? وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن بلوچ??تا?? ۾ تازين برساتن جي نتيجي ۾ ٻوڏ صورتحال جو تفصيلي جائزو وٺڻ جي لاءِ اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف متاثر علائقن ۾ جاري امدادي ڪاررواين کي وڌيڪ تيز ۽ موثر بڻائڻ جي هدايت ڪئي. هن ٻوڏ ۾ ڦاٿل ماڻهن کي فوري طور تي محفوظ جاين تي منتقل ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي. وزيراعظم حڪم ڏنو ته ٻوڏ متاثرين کي تنبو، کاڌي پيتي جي شين ۽ صاف پاڻي جي فراهمي يقيني ب??ائ?? وڃي ۽ متاثرين کي فوري طور تي 25 هزار رپيا في خ??ند??ن فلڊ ريليف ڪيش پهچائڻ جو انتظام ڪيو وڃي. هن چيو ته ٻوڏ متاثرين جي مدد ۾ ڪنهن به قسم جو تعطل يا غفلت ڪنهن به صورت ۾ نه آهي. هن هدايت ڪئي ته گڏيل سروي جي مڪمل ٿيڻ ۽ بحالي تائين ٻوڏ متاثرين جي فوري مدد ۾ ڪنهن به قسم جي ڪا ڪسر نه ڇڏي وڃي. وزيراعظم ٻوڏ کان متاثر انفراسٽرڪچر کي متاثر جاين تائين امداد پهچائڻ جي لاءِ بحال ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي. وزيراعظم پي ڊي ايم اي، اين ڊي ايم اي، بلوچ??تا?? حڪو??ت ۽ منصوبابندي واري وزارت کي هنگامي بنيادن تي قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي. ٻئي طرف وزيراعظم محمد شهباز شريف سان بلوچ??تا?? جي وڏي وزير مير عبدالقدوس ??زنجو ملاقات ڪئي. بلوچ??تا?? جي وڏي وزير عبدالقدوس ??زنجو وزيراعظم کي بلوچ??تا?? ۾ تازين برساتن جي نتيجي ۾ ٻوڏ کان نقصانن ۽ جاري ريسڪيو ۽ ريليف آپريشن بابت تفصيلي طور تي آگاهه ڪيو. ملاقات ۾ منصوبابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير احسن اقبال ۽ اقتصادي معاملن وارو وفاقي وزير سردار اياز صادق ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدار پڻ موجود هئا.